تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

مٽياري پوليس جي کيبر ڀرسان منشيات فروشي خلاف ڪارروائي، ڳوٺاڻن ۽ اهلڪارن ۾ چڪريون، 3 اهلڪار زخمي، 2 ڳوٺاڻا گرفتار

پوليس جي چڙهائي خلاف ڳوٺاڻن جو قومي شاهراهه تي عورتن ۽ ٻارن سوڌو 3 ڪلاڪ ڌرڻو

پوليس بنا جواز چڙهايون ڪري عورتن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻايو:ڳوٺاڻن جون دانهون

مٽياري (ن پ ا) مٽياري پوليس جي کيبر ڀرسان منشيات فروشي خلاف ڪارروائي دوران ڳوٺاڻن ۽ اهلڪارن ۾ چڪريون، 3 پوليس اهلڪار زخمي، پوليس مبينا طور ٻن ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جي چڙهائي ڳوٺاڻن جو قومي شاهراهه تي عورتن ۽ ٻارن سوڌو ڌرڻو، ٽن ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل رهي، جڏهن ته وڏي انگ ۾ عورتون ۽ ٻار ڏنڊا کڻي پهتا، 3 ڪلاڪن تائين گاڏين جي اچ وڃ بند ٿي وئي، ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانهيو ته پوليس بنا جواز چڙهايون ڪري عورتن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻايو، پوليس سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس چڙهائي دوران گرفتار ٻن ڳوٺاڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

Bookmark the permalink.