تازا ترين
  • پ پ ايم پي اي علي مردان شاهه لاڏاڻو ڪري ويو*عمر ڪوٽ سان تعلق رکندڙ علي مردان شاهه ڪيترائي ڀيرا وزير ۽ ايم پي اي رهيو*علي مردان شاهه صوبائي وزير سردار شاهه جو مامو ۽ ضلعي چيئرمين نور علي شاهه جو ڀاءُهو
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

مٽياري ٽائون ملازمن جي مطالبن لاءِ هڙتال، شهرين پاران حمايت، ريلي

ملازمن ٽائون آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي نعرا هنيا

ٽائون آفيسر بئنڪ ۾ پگهارون ڏيڻ کان ڦري ويو: اڳواڻ

مٽياري (رپورٽ: ڪامران ميمڻ) ٽائون ڪاميٽي مٽياري جي ملازمن ٽن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ڇهين ڏينهن به احتجاج جاري، ٽائون آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ٽائون آفيسر هٽايو جا نعرا، شهرين به ملازمن جي حمايت طور احتجاج ۾ شرڪت ڪئي، مٽياري ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن ٽن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ستين ڏينهن تي به آفيس جي تالا بندي ڪندي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ٽائون آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو، ان موقعي تي ملازم ٽائون آفيسر هٽايو جا نعرا هڻي رهيا هئا ملازمن جي احتجاج ۾ شهري به حمايت ۾ نڪري آيا، ان موقعي تي ملازم تنظيم جي اڳواڻن نديم قائمخاني، اويس ميمڻ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ٽن مهينن کان ٽائون آفيسر نه هجڻ ڪري پگهارون بند هنيون جن کي جاري ڪرڻ لاءِ ايم پي اي مٽياري ۽ ضلعي چئيرمين به ٽياڪڙي ڪئي جنهن بعد ڪجهه پگهارن جو آسرو ٿيو پر عين موقعي تي ٽائون آفيسر ڦري ويو جنهن بعد اسان کي مليل خوشي وري غم ۾ تبديل ٿي وئي هنن چيو ته اسان جي ڪافي اهڙا ملازم آهن جن جو گذر سفر فقط پگهار تي آهي ٽن مهينن کان پگهارون نه ملڻ جي ڪري اهي فاقه ڪشي ڪاٽي رهيا آهن ۽ ٿڌ جي موسم هجڻ سبب ڪيترن ملازمن جا ٻار بيمار آهن انهن وٽ پنهجي ٻچن جو علاج ڪرائڻ لاءِ به ٽڪو نه آهي جنهن سبب ڪيترا ئي ملازم مايوس ٿي ويا آهن ۽ انتهائي قدم کڻڻ جو سوچي رهيا آهن هاڻ اگر اسان جي ڪنهن به ملازم کي ڪجهه به ٿيو ته انجو ذميوار ٽائون آفسير هوندو اسان اعلي اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا ته فوري طور تي ٽائون آفيسر کي هٽائي نئون ٽائون آفيسر مقرر ڪري اسان جو پگهارون جاري ڪيون وڃن نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. هوڏانهن ملازمن جي ستن ڏينهن کان جاري ڪم ڇڏ هڙتال سبب سمورو شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي ۽ گٽرن اٿلڻ سبب گٽرن جو گندو پاڻي هاڻ گهرن، مسجدن ۽ اسڪولن ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ ايجوڪيشن، سرڪاري اسپتال سميت ٻين آفيسن ڏانهن به رخ ڪرڻ لڳو آهي ۽ هر گهٽي ۽ چوراهن تي گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن. شهر جي اهڙي صورتحال تي شهري تمام گھڻا پريشان ۽ ڪاوڙيل آهن پاڻي هجڻ سبب مين ڪاروباري مرڪز به بند پيل آهي ۽ اسڪول ايندڙ ويندڙ شاگردن کي به ڪافي ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن.



Bookmark the permalink.