تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

مٽياري ويجهو چوري دوران فائرنگ ۾ هڪ چور مارجي ويو ، ٻيو زخمي حالت ۾ گرفتار، فرار جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جو آپريشن

ڳوٺ سادوڙو ڪولهي ۾ چار اڻڄاتل چور گهرن اندر داخل ٿيا ته ڀاڳيا سڄاڳ ٿي پيا

ڳوٺاڻن ۽ چورن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ سبب هڪ چور محمد حسن ڏيٿو مارجي ويو

مٽياري (ن پ ا) مٽياري ويجهو چوري دوران فائرنگ ۾ هڪ چور مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي حالت ۾پڪڙجي پيو، جڏهن ته 6ڳوٺاڻا به زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. سيکاٽ ٿاڻي جي حد ۾ اڳوڻي صوبائي وزير سيد جلال شاھ جي زرعي زمين ۾ قائم ڳوٺ سادوڙو ڪولهي ۾ چار اڻڄاتل چور گهرن اندر داخل ٿيا ته ڀاڳيا سڄاڳ ٿي پيا. ڳوٺاڻن ۽ چورن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ سبب هڪ جوابدار مارجي ويو،جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳوٺاڻن سوگهو ڪري پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس پهچي زخمي حالت ۾ پڪڙيل جوابدار کي حراست ۾ ورتو، جڏهن ته 2 جوابدار ڪيلن جي فصل ۾ فرار ٿي ويا، جن جي گرفتاري لاءِ فصل کي ڪڙو چاڙهيو ويو. ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگهيو موجب مارجي ويل چور جي محمد حسن ڏيٿو ۽ زخمي حالت ۾ پڪڙيل جوابدار جي خدا ڏنو ڏيٿو طور سڃاڻپ ٿي آهي. ايس ايس پي موجب مارجي ويل جوابدار ۽ زخمي ڳوٺاڻن کي مٽياري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فرار جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.