تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

مٽياري ويجهو مبينا طور زهريلي مٺائي واپرائڻ سبب فوت ٿيل عورت جي ڌيءُ به فوت

پوليس ماءُ ۽ ڌيءُ کي زهر ڏيڻ جي الزام ۾ٻن عورتن سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

مٽياري (ن پ ا) مٽياري ويجهو مبينا طور زهريلي مٺائي واپرائڻ سبب فوت ٿيل عورت جي ڌيءُ به فوت ٿي وئي، نيو سعيد آباد واسڻ مسمتات دوسيءَ جي ڌيءُ خالده سول اسپتال حيدرآباد ۾دم ڏئي ڇڏيو، پوليس ماءُ ۽ ڌيءُ کي زهر ڏيڻ جي الزام ۾ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا، نيو سعيد آباد ۾ هڪ عورت ۽ سندس ڌيءَ پاران مبينا طور زهريلي مٺائي واپرائڻ جو واقعو پيش آيو هو.پوليس جو چوڻ آهي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪيون پيا.

Bookmark the permalink.