تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

مٽياري ويجهو عدالتي حڪم تي پوليس جو زميندار جي خانگي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب

مٽياري (ن پ ا) مٽياري ويجهو عدالتي حڪم تي پوليس زميندار جي خانگي جيل ڇاپو هڻي 27 هاري بازياب ڪرائي ورتا آهن، جن کي عدالت پيش ڪيو ويندو. جامو ڪولهي جي درخواست تي عدالتي حڪم بعد پوليس نيو سعيد آباد ويجهو ڳوٺ احمد ٻگهيو زميندار جي خانگي جيل تي ڇاپو هنيو. پوليس عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڪولهي برادري جي 27 هاري کي بازياب ڪرائي ورتو، جن کي اڄ عدالت پيش ڪيو ويندو. خانگي جيل تان بازياب ڪرايل هارين ۾جمنا، چاندني، گوري، راجو، چيتن، ڌنجي، شنڪر ڪولهي ۽ ٻيا شامل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته هارين کي زميندار ڊاڪٽر حفيظ ٻگھيو، ڪمدار حنيف ۽ منشي غلام علي وٽان بازياب ڪرايو ويو.

Bookmark the permalink.