تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

مٽياري ويجهو ذهني مريض ساليءَ جي بيماري جو فائدو وٺي لڄالٽ ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيو

چار مهينا گذرڻ باوجود جوابدر گرفتار نه ٿيڻ تي متاثر ناري ڀاءُ سميت ڊي آءِ جي حيدرآباد آفيس پهچي وئي

ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس پي مٽياري کي فون ڪري 24 ڪلاڪن ۾ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري

مٽياري (رپورٽر) ڀٽ شاهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ دريا خان ٽالپر ۾ ذهني مريض سالي سان بيماري جو فائدو وٺي لڄالٽ ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو. متاثر ناري وارثن سان ڊي آءِ جي حيدرآباد آفيس پهتي ته اسٽاف ڊي آءِ جي سان ملڻ لاءِ ڪورٽ جو ليٽر کڻي اچڻ لاءِ چيو ويو. عورت وومين ايڪشن ڪميٽي جي مداخلت تي ڊي آءِ جي جو ايس ايس پي مٽياري کي جوابدار چويهن ڪلاڪن اندر گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو . ياد رهي ته ۾ ناري جي ڀاءُ وحيد خاصخيلي چار مهينا اڳ ڀٽ شاهه ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته سندس ڀيڻ ماهرا خاصخيلي ذهني مريض هجڻ جو فائدو وٺندي سندن سئوٽ جاويد خاصخيلي لڄالٽ ڪندو رهيو آهي جنهن تي ماهرا ڳورهاري ٿي هئي. چار مهينا گذرڻ باوجود ڀٽ شاهه پوليس جوابدار جاويد خاصخيلي کي گرفتار نه ڪري سگهي.

Bookmark the permalink.