تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

مٽياري لڳ روهڙي ڪئنال ۾ نوجوان ذوالفقار پرهياڙ وهجندي ٻڏي فوت

مٽياري ( رپورٽر) سومرا موري لڳ مين روهڙي ڪئنال ۾ نصرپور واسي نوجوان ذوالفقار پرهياڙ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو. پوليس ذريعن موجب نصرپور کان نوجوان وهنجڻ لاءِ آيل هيا جن مان هڪ نوجوان ذوالفقار علي پرهياڙ ٻڏي فوت ٿي ويو. جنهن جو مقامي ٽوٻن جي مدد سان سندس لاش هٿ ڪري نصرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتان ضروري ڪارروائي بعد نوجوان کي وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

Bookmark the permalink.