تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

مٽياري ضلعي ۾ ڪورونا جو زور، انتظاميا 16 کان وڌيڪ علائقن ۾ هفتي لاءِ لاڪ ڊائون ڪري ڇڏيو

مٽياري ( رپورٽر) مٽياري ضلعي ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌڻ سبب 16 کان مٿي علائقن ۾ مڪمل طور لاڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو پاران ضلعي جي ٽنهي تعلقن هالا، نيوسعيدآباد ۽ مٽياري جا 16 علائقن ۾ مڪمل طور لاڪ ڍائون ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو. ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر، هالا سٽي ۽ نيوسعيدآباد سٽي ۾ ستن ڏينهن لاءِ مڪمل طور لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو. مٽياري سٽي، يونين ڪائونسل شاھ عالم شاهه، يوسي سيکاٽ، ڳوٺ جمع شهوڪ، کيبر تائون، اڏيرو لال اسٽيشن سٽي ايريا، يوسي فقير نوح ٿياڻي، هالا مڪمل شهر ۽ يوسي، يوسي هالا ٽو، هالا اولڊ سٽي ايريا، سعيدآباد سٽي، پراڻي سعيدآباد سميت ٻين علائقن ۾ مڪمل لاڪ ڊائون دوران پوليس سان گڏ رينجرس کان مدد طلب ڪئي وئي.

Bookmark the permalink.