تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

مٽياري ضلعي ۾ ماسڪ پائڻ لازمي قرار، عمل نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

مٽياري ( رپورٽر) مٽياري ۾ انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي ضلعي اندر گهران نڪرڻ تي ماسڪ پائڻ لازم قرار ڏئي ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو پاران ايس ايس پي مٽياري ۽ ٽنهي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرز کي خط ذريعي آگاهه ڪيو آهي ته دوڪاندار پاڻ ۽ ملازمن کي ماسڪ پارائڻ لاءِ پابند هوندا ۽ سماجي وٿي تحت خريدارن کي بيهاري سامان وڪرو ڪندا. سومر کان ايس او پيز ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن خلاف قانون موجب سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.