تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

مٽياري: احساس ڪفالت سينٽر ۾ نوجوان سان ڳالهائڻ تي ڏير جو ڀاڄائي تي تشدد ، پوليس ٽنهي کي لاڪپ ڪري ڇڏيو

زوار ماڇي سان فون تي رابطو هلندڙ هو ان سان وڃڻ چاهيان ٿي، گهر ويندس ته مڙس ۽ ڏير ماريندا: ناري

ساجدا کي چار ٻار آهن گهر هلي ڪير به نه ماريندس: ناري جي امڙ روئيندي رهي

مٽياري ( رپورٽر) ڳوٺ بچو ڳهلا ۾ نوجوان سان ڳالهائڻ تي ڏير پاران ڀاڄائي تي تشدد ڪيو ويو. اطلاع تي پوليس پهچي ٽنهي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. تشدد ٿيل ناري ساجدا جو چوڻ آهي ته نوجوان زوار ماڇي سان فون تي رابطو آهي ڪافي وقت کان ان سان وڃڻ چاهيان ٿي، گهر ويندس ته ڏير ۽ مڙس ماري ڇڏيندو. ٿاڻي تي موجود ناري جي امڙ موجب سندس ڌيءُ کي چار ٻار آهن گهر هلڻ لاءِ منٿون پئي ڪيان ڪير نه ماريندس. پوليس موجب ناري ۽ نوجوان پاڻ ۾ ڪفالت سينٽر تي ڳالهائي رهيا هئا ته جهيڙو ٿي پيو جنهن بعد ٽنهي کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي آندو آهي جتان صبح جو کين عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.