تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

مٺي ۾ ٽيسٽ پاس استادن جو ريگيولر نه ڪرڻ خلاف مظاهرو

مٺي (رپورٽر) مٺي ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن ريگيولر نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهروڪيو. ان موقعي تي نٿومل، شفيق الرحمان، محمد سيفل ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڏھن سالن کان تعليم کاتي ٿرپارڪر ۾ فرض سرانجام ڏيئي رهيا آھيون پر اڃان تائين ريگيولر نه ڪيو ويو آھي. هنن چيو ته سنڌ اسيمبلي مان ٻه ڀيرا ٺھراءَ منظور ٿيا آھن پر ان جي باوجود ريگيولر نه پيو ڪيو وڃي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ريگيولر ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

Bookmark the permalink.