تازا ترين
  • مٺي: ٿر ۾ ٻارن جي موت تي ضابطو نـ آيو،وڌيڪ 3 ٻار فوت*
  • سنڌ جا وزير خانگي اسپتالن ۾ ڇو داخل آهن: نصرت سحر جو اسيمبلي ۾ خطاب*مرتضيٰ بلوچ جي جنازي نماز ۾ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪري هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي:نصرت سحر*سنڌ حڪومت جا 8 ارب خبر ناهي ڪٿي خرچ ٿيا: نصرت سحر*
  • *گهوٽڪي ۾ هٽايل ميونسپل چيئرمين پاران بحالي لاءِ ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل *عدالت پاران چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ چيئرمين اينٽي ڪرپشن کي نوٽيس *سنڌ حڪومت کي اختيار ئي ناهي جو چيئرمين کي هٽائي سگهي: درخواست *
  • *ملڪ جي صدر کي به راءِ ٺاهڻ لاءِ قانوني مدد هجڻ گهرجي، اهو ذهن ۾ رکيو وڃي ته ڪيس تي ڪارروائي جا سنگين نتيجا هوندا: سپريم ڪورٽ*
  • *ٽرانسپورٽ واري وزير پاران ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ جو سختي سان نوٽيس *سنڌ جي چونڊيل نمائندن کي اپيل آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪرائين: اويس شاهه *جن ضلعن ۾ ٽرانسپورٽرز ايس او پيز تي عمل نه ڪندا ته ڪارروائي ٿيندي: اويس شاهه *
  • *ميهڙ ويجهو ملڪيت جي تڪرار تان چاچي ۽ ڀائٽين ۾ جهيڙو، 6ڄڻا زخمي ٿي پيا *ڳوٺ جوڙو لاکير ۾ لاکير برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو *ظفر،مظھر، حسين، عبدالله، وسيم، سعيد ۽ اظھر لاکير کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *پنگريو ڀرسان زمين جي تڪرار تان ترڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 8 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٽن عورتن سميت 8ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻاررن ۽ عورتن سميت 30 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ٽنڊوباگو ويجهو زمين جي تڪرار تان جهيڙو،8ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *ڳوٺ علي ترڪ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 4 عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا *
  • وارهه ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، پيرسن فوت ٿي ويو *ماستر لاڙو وٽ حادثي ۾ پيرسن غلام مصطفيٰ گوگاڻي چانڊيو زخمي ٿي پيو *زخمي پيرسن لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*

مٺي ۾ بند پيل گهر جا تالا ٽوڙي لکين رپين جي چوري

مٺي ( رپورٽر ) مٺي ۾ بند پيل گهر جا تالا ٽوڙي لکين روپين جي چوري واردات. پوليس واردات واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري ورتيون. خبر موجب مٺي جي ٺڪر راجپوت پاڙي ۾ لاڪ ڊائون سبب ڳوٺ ويل تعليم کاتي جي هيڊ ڪلارڪ سوائي ٺڪر جي گهر جا تالا ٽوڙي چور لائسنس وارو پسٽل. 2 تولا سون. هڪ لک 40 هزار روڪ ۽ ٻيو قيمتي سان چوري ڪري فرار ٿي ويا. اطلاع تي مٺي پوليس پهچي سرزمين جو جائزو وٺڻ سان گڏ شاهديون گڏ ڪري ورتيون آھن. گهر ڌڻي لاڪ ڊائون سبب فيملي سميت ڳوٺ ويل هئا ۽ گهر بند پيل هو. جوابدارن ديوار ٽپي گهر جي ڪمرن جا تالا ٽوڙي واردات ڪئي ۽ فرار ٿي ويا. گهر ڌڻي ڳوٺ کان جيئن پهتا ته سڄي گهر جو سامان ڪمرن ۾ پکڙيل ۽ تالا ٽٽل ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو. پوليس پهچي واردات واري هنڌ جو معائنو ڪيو ۽ شاهديون گڏ ڪيون پر رات دير تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾َاچي نه سگهي هئي. پوليس رابطو ڪرڻ تي چيو ته واردات واري گهر ۾ فرش ھجڻ ڪري سرزمين تي چورن جا پيرا لڳل ناهن. پر تالا ٽٽل ۽ سامان ڪمرن ۾ پکڙيل هو اسان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا. هوڏانهن گهر ڌڻي سوائي ٺڪر صحافين کي ٻڌايو ته اسان لاڪ ڊائون سبب ڪجه ڏينهن گهر بند ڪري ڳوٺ ويل هئاسين. واپسي تي گهر جا تالا ٽٽل ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيوسين. هن چيو ته گهر ۾ منهنجو لائسنس وارو پسٽل. هڪ لک 40 هزار روڪ. نياڻيءُ جا 2 تولا سون جا زيورت ۽ ٻيو سامان پيل هو جيڪو چور ٻھاري ويا آھن. هن چيو ته پوليس وٽ درخواست ڏني آھي جنهن جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جو يقين ڏياريو آھي

Bookmark the permalink.