تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

مٺي ۽ جهوڪ شريف ۾ پورهيتن جي گهرن کي باهه: سمورو الهه تلهه سڙي رک، ڳوٺاڻا کليل آسمان هيٺ ويٺل

جهوڪ شريف ۾ باگڙي برادري جي ٻن گهرن کي باهه وڪوڙي وئي

مٺي ويجهو ٽن پورهيتن جي گهر کي باهه سبب الهه تلهه سڙي ويو

مٺي/ٽنڊو محمد خان(نمائندن وٽان)مٺي ۽ جهوڪ شريف ڀرسان به باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 5 گهر سڙي ويا، سندن سمورو الهه تلهه سڙي خاڪ ٿي ويو آهي. مٺي ويجهو ڳوٺ هوٿيئر ۾ پورهيت راجو، ڀانو ۽ ڀوڄو ميگهواڙ جي گهرن کي باهه لڳي وئي.اطلاع باوجود فائربرگيڊ نه پهتي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائي ورتي.متاثرن جو چوڻ آهي ته گهرن ۾باهه لڳڻ سبب اناج، هنڌ، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي ويو آهي.ٻئي پاسي جهوڪ شريف ڀرسان به صوفي فارم تي باگڙي برادري جي ٻن گهرن کي باهه لڳي وئي، نتيجي ۾ 2 موٽرسائيڪلز، بسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو.متاثرن سنڌ حڪومت ۽ وس وارن کان اپيل ڪئي آهي ته سندن مالي سهائتا ڪئي وڃي ته جيئن هُو ٻچن جا ڀرجهلا ٿي سگهن..

Bookmark the permalink.