تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ميونسپل ڪاميٽي نوابشاهه ۾ نوڪرين تي پابندي باوجود اڄ انٽرويو ٿيندا

نوابشاهه(رپورٽ: اياز ڏاهري) ميونسپل ڪاميٽي نوابشاهه ۾ مدو ختم ٿيڻ باوجود اڳوڻي ميونسپل چيئرمين طرفان نوڪرين جي انٽرويو وٺڻ وارو معاملو اڃا حل نه ٿيو اڄ خميس واري ڏينهن ڏنل اشتهار مطابق 17 سيپٽمبر تي انٽرويو ورتا ويندا، سيڪريٽري لوڪل گورنمنٽ ۽ سيڪريٽري لوڪل بورڊ ۽ ايس او ون نوڪرين واري معاملي کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو اسان کي ڪا به خبر ناهي ته انٽرويو ڪير وٺندو خبر موجب ميونسپل ڪميٽي نوابشاهه جي اڳوڻي چيئرمين پنهنجو مُدو ختم ٿيڻ باوجود 11 سيپٽمبر تي مختلف اخبارن ۾ اشتهار ڏياريا ته 17 سيپٽمبر تي نوڪرين لاءِ جولاءِ ۾ جمع ٿيل ڪاغذن جا انٽرويو ورتا ويندا ۽ اهڙو اشتهار مُدو ختم ٿيل ميونسپل ڪاميٽي جي اڳوڻي چيئرمين جي صحيح سان جاري ٿيو، روزاني پنهنجي اخبار سان رابطي ڪرڻ تي سيڪريٽري لوڪل گورنمنٽ سيد نجم شاهه چيو ته اسان انڪوائري ڪيون پيا ته هي اصل معاملو ڇا آهي؟ جڏهن ته نوڪرين تي بين آهي ۽ جيڪو به انٽرويو وٺندو اهو ان جو ذميوار پاڻ هوندو. ٻئي طرف سيڪريٽري بورڊ ضمير حسين عباسي روزاني پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جيڪو اڳوڻي چيئرمين جي نالي تي اشتهار هليو آهي اهو سراسر غلط آهي ۽ مُدو ختم ٿيل چيئرمين کي اختيار ناهي ته اهو اشتهار جاري ڪرائي هن چيو ته نوابشاهه ۾ جيڪي پهريان ڪچا ملازم ڪم ڪري رهيا آهن انهن جي مدد ڪئي ويندي ۽ پهريان انهن جو حق آهي مان سيڪريٽري بورڊ انهن جي حق لاءِ ڪوشش ڪندس جڏهن ته ايس او ون لوڪل گورنمنٽ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اڃا تائين ڏنل اشتهار وارو معاملو حل نه ٿي سگهيو آهي جيئن حقيقتون سامهون اينديون توهان کي آگاهه ڪنداسين ٻئي طرف ميونسپل ڪاميٽي نوابشاهه جي سي ايم او عبدالرزاق شيخ سان رابطو ڪيو ويو ته موقف ڏيندي چيو ته اڄ 17 تاريخ تي خبر پوندي ته ڇا ڪرڻو آهي ۽ اسان گورنمنٽ جي پاليسي تي ڪم ڪنداسين.

Bookmark the permalink.