تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

ميهڙ ۾ ٽريڪٽر نينگر کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو

ميهڙ(ن پ ا )ميھڙ لڳ ڳوٺ شمس الدين بلبل ۾ ڊرائيور پاران ٽريڪٽر ٽرالي کي ريورس ڪندي معصوم 6 سالن جو محمد زمان ولد عبدالرزاق چانڊيو کي چيڀاٽي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جيڪو معصوم ٻارڙو موقعي تي فوت ٿي ويو، جنھن جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال ميهڙ آندو ويو جتان وارث لاش پوسٽ مارٽم ڪرائي وارث ڳوٺ کڻائي ويا. فوتي ٻارڙي جي وارثن منظور چانڊيو ۽ ٻين ٻڌايو ته بشير چانڊيو ۽ محمد علي چانڊيو جي ٽريڪٽر ٽرالي جي ڊرائيور ٽريڪٽر ٽرالي ريورس ڪري رهيو هيو ته اسان جي معصوم مٿان چڙهي چيڀاٽي ماري ڇڏيو واقعي جي ميهڙ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آھي پر پوليس نه ٽريڪٽر ٽرالي پنهنجي تحويل ۾ ورتو آھي نه ڊرائيور کي گرفتار ڪيو آھي هوڏانهن معصوم ٻارڙي جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ٻارڙي جي ڳوٺ لڳ مقامي قبرستان ۾ تدفين پڻ ڪئي وئي آھي

Bookmark the permalink.