تازا ترين
  • مقصودو ۾ زهريلي ماکي جو حملو، 4 ورهين جو نينگر علي دوست جمالي فوت گھر ۾قھرام*
  • ڪراچي: سينٽرل جيل ۾ پهريون قيدي ڪورونا وگهي فوت*قيدي بهاول خان جي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري کيس لياري جنرل اسپتال داخل ڪيو ويو*
  • جهڏو: آئسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪورونا مريض جي طبيعت خراب ٿيڻ تي حيدرآباد منتقل*گهوٽڪي ۾ 62 ورهين جو پيرسن ڪورونا وگهي فوت، ضلعي ۾ فوتين جو انگ 3 ٿي ويو ڏهرڪي ۾ ڪورونا جا 2 نوان ڪيس ظاهر، انگ وڌي 15 ٿي ويو*
  • سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ڪورونا ٽيسٽ نيگيٽو اچي وئي*جي ڊي اي اڳواڻ ايم پي اي نصرت سحر عباسي جي ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري اچي وئي*
  • نوشهروفيروز: پوليس اهلڪارن جو دڪاندار تي تشدد،ڳلي مان گِهيلي پاڻ سان گڏ کنڀي کڻي وئي*نوشهروفيروز: پوليس 10 کان وڌيڪ ٻين دڪاندارن کي به گرفتار ڪيو*سڄو شهر کُليو پيو آهي، مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، پوليس بنا جواز تشدد ڪيو: دڪاندار*پوليس گرفتار ڪيل دڪاندارن کي چنگچي رڪشائن ۽ موبائل ۾ گهمائيندي رهي*
  • سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي مٽيءَ جو طوفان ته ڪٿي هلڪي برسات* لاڙڪاڻو،قمبر،دادو، ڪنڌڪوٽ،ميهڙ، موهن جو دڙو۽ خانواهڻ ۾ مٽيءَ جو تيز طوفان ۽ هلڪي برسات*
  • عيد کان اڳ کنڊ اسڪينڊل جي رپورٽ پڌري ڪئي: شهزاد اڪبر*وزيراعظم رپورٽ پڌري ڪري قوم سان واعدو پورو ڪيو: شهزاد اڪبر*پهريون ڀيرو ڪميشن جي رپورٽ جلد پڌري ٿي: شهزاد اڪبر*شاهد خاقان رپورٽ بابت غلط بياني ڪري رهيو آهي: وزيراعظم جو خاص مددگار*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بلديا سانحي ڪيس جي ٻڌڻي *رئوف صديقي دٻاءُ وجهي فيڪٽري مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪرايو: پبلڪ پراسڪيوٽر *رئون صديقي ۽ عماد صديقي متاثرن ۽ مالڪن وچ ۾ معاملا حل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو: پراسڪيوٽر *رئون صديقي ۽ عباد صديقي فيڪٽري مالڪن کان 5 ڪروڙ وصول ڪيا: پبلڪ پراسڪيوٽر *عدالت 17 جون تي جوابدار زبير چريا جي وڪيل کان حتمي دليل طلب ڪري ورتا*
  • *ڪچي پل ۽ ڀرپاسي ۾ مٽيءَ جو طوفان، ڪيترن ئي ڪکاون گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون *تيز هوا ۽ مٽي جي طوفان سبب بجلي جا ڪيترائي ٿنڀا ڪري پيا، رهواسين گهرن تائين محدود *
  • *همايون شريف ۾ هڪ ڄڻي کي ڪورونا جي تصديق *ڳوٺ چوڏيو سڌايو واسي جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي*
  • *ڄام نواز علي ويجهو چنگچي فٽاباڊي سم نالي ۾ ڪرڻ سبب نينگر فوت *ڳوٺ الهجڙيو شيدي ڀرسان حادثي ۾ 12 ورهين جو هريش ڀيل فوت، لاش اسپتال منتقل*
  • *سکر: تماچاڻي ٿاڻي جي حد ۾ ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *حادثي ۾ شادي تقريب ۾ ويندڙ نظير جوڳي فوت، سندس گهرواري صاحبه زخمي *
  • *ڄام نواز علي ويجهو چنگچي فٽاباڊي سم نالي ۾ ڪرڻ سبب نينگر فوت *ڳوٺ الهجڙيو شيدي ڀرسان حادثي ۾ 12 ورهين جو هريش ڀيل فوت، لاش اسپتال منتقل*
  • *لاڙڪاڻو شھر ۽ ڀرپاسي ۾ ڇتن ڪتن جو آزار برقرار، رهواسي پريشان *لاڙڪاڻو: ڇتن ڪتن 2 ٻارن سميت 9 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو*
  • *ڪراچي: اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ڪيس *آغا سراج دراني، سندس گهرواري ۽ ٻيا احتساب عدالت ۾ پيش *جج جي موڪل هجڻ ڪري ريفرنس جي ڪارروائي بنا ڪارروائي جي ملتوي *

ميهڙ ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن ڀاتين جو قتل: سپريم ڪورٽ جوابدارن جي درخواست تي دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو

هڪ ڌر سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ دهشتگردي ڪرائي: ام رباب جو وڪيل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ميهڙ ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس بابت ٻڌڻي ٿي، سپريم ڪورٽ جوابدارن جي درخواست تي دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو، پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ ڪيس سيشن ڪورٽ ۾ هلائڻ جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي وڪيل چيو ته ٽن گهر ڀاتين جو قتل سياسي دهشتگردي جو ڪيس آهي، هُن چيو ته ڪيس کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، لطيف کوسا جو چوڻ هو ته ٻنهي ڌرين جا ماڻهو سردار ۽ ويجها عزيز آهن، هي معاملو ذاتي دشمني جو آهي، دهشتگردي جو ناهي، ام رباب جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته هي ڪيس سياسي دهشتگردي آهي، جوابدار ڌر سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ دهشتگردي ڪئي، فيصل صديقي چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب سياسي، نظرياتي ۽ مذهبي دهشتگردي جا قسم آهن، هڪ ڌر پنهنجو سرداري نظام برقرار رکڻ جي لاءِ دهشتگردي جو سهارو ورتو آهي، هن چيو ته سياسي مقصدن جي لاءِ قتل عام ڪيو ويو، لطيف کوسا چيو ته هي معاملو ذاتي دشمني جو آهي، هي دهشتگردي نه آهي، جسٽس يحييٰ چيو ته ذاتي دشمني ۽ سياسي دهشتگردي جو فرق ڪيئن ٿيندو، لطيف کوسا چيو ته سياسي طور تي نظام جي خلاف جيڪڏهن ڪنهن کي ڀڙڪائي سازش ڪئي وڃي ته اهو دهشتگردي جي زمري ۾ اچي ٿو، ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

Bookmark the permalink.