تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

ميهڙ ڀرسان معمولي ڳالهه تان ڀائٽيي بندوق جا فائر ڪري سڳي چاچي کي قتل ڪري ڇڏيو

ڳوٺ محمد خان چنڊي ۾ فائرنگ بعد جوابدار فرار: اطلاع باوجود پوليس دير سان پهتي

ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ڀرسان معمولي ڳالهه تان ڪاوڙ ۾ ڀائٽيي سڳي چاچي کي قتل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ محمد خان چنڊ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي ۾ ڀائيٽيي شيراز چنڊ مبينا طور بندوق جا فائر ڪري 55 ورهين جي چاچي گدا حسين چنڊ کي قتل ڪري ڇڏيو. فائرنگ بعد جوابدار فرار ٿي ويو، جڏهن ته راڌڻ پوليس جي دير سان پهچڻ سبب لاش ڪيتري ئي دير تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيو. اُن کانپوءِ لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو سنڌي ٻُٽڙا ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو آهي.

Bookmark the permalink.