تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

ميرپور ميونسپل ڪميٽي ۾ اختلاف تيز، چيئرمين جا سي ايم او تي ڪرپشن جا الزام

بجيٽ پيش ڪرڻ تان اختلافن بعد چيئرمين ڪامران شيخ پاران شفيق شاهه کي هٽائڻ جو مطالبو

سي ايم او اڳوڻي چيئرمين سان گڏجي 60 ڪروڙ جي ڪرپشن ڪئي پر ڪارروائي نه ٿي: ڪامران

ميرپورخاص(رپورٽ: وارث خاصخيلي) ميونسپل ڪميٽي ميرپورخاص جي چيئرمين ڪامران شيخ ۽ سي ايم او شفيق شاهه ۾ بجٽ پيش ڪرڻ واري معاملي تا اختلاف تيز ٿي ويا آهن، چيئرمين طرفان سي ايم او تي ڪرپشن جا الزام ھڻي کيس ھٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سي ايم او شفيق شاهه الزام رد ڪندي پيش ٿيل بجٽ تي اختلاف رکندي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين انجنيئر ڪامران شيخ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام ھنيو آھي ته سي ايم او ميونسپل ڪميٽي کي پنهنجي جاگير سمجھي ڇڏيو آهي، ميونسپل ڪميٽي جي 20-2019ع جي سالياني بجيٽ اڪثريتي راءِ سان 42 ڪائونسلرن طرفان منظور ڪئي وئي، جڏهن ته عوام دشمن سي ايم او شفيق شاھ ان کان انڪاري بڻيل آھي. سي ايم او اڳوڻي چيئرمين سان ملي 60 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪئي آھي ۽ ميونسپل ڪميٽي جي قيمتي ملڪيتن کي ڳري رشوت عيوض ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪري رھيو آھي ۽ ٽيڪس اوڳاڙڻ وارا ٺيڪا من پسند ماڻهن کي ڏنا آھن. هن وڌيڪ چيو ميونسپل ڪميٽي جي اڪائونٽ ۾ 26 ڪروڙ رپيا عوام جي ڀلائي ۽ شھر جي ترقي وارن ڪمن لاء رکيل آهن پر سي ايم او انهن پئسن کي پ پ جي اڳواڻن سان ملي نالا پروجيڪٽ جي نالي تي رقم کي ھڙپ ڪرڻ چاھي ٿو، اھڙي شڪايت جو ليٽر چيف سڪريٽري سڪريٽري بلديات ڏانھن اماڻيو ويو آهي، پر اسان کي انصاف جي اميد ناهي ڇو جو سڪريٽري ۽ وزير پ پ جا آهن. آئون وزيراعظم عمران خان ۽ اعليٰ عدليه کي اپيل ڪيان ٿو ته سي ايم او شفيق شاهه جي اهڙي غيرقانوني حرڪتن جو نوٽس وٺي ميرپورخاص جي ميونسپل ڪميٽي ۽ عوام سان انصاف ڪيو وڃي.
چيئرمين وٽ ڪرپشن جو ثبوت آهي ته عوام آڏو رکي: سي ايم او
ميرپورخاص: ميرپور خاص جي سي ايم او چيئرمين جا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن، ان سسلسلي ۾ پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي سي ايم او سيد شفيق شاھ الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته مون تي لڳايل سمورا الزام بي بنياد آهن بجيٽ غلط طريقي سان پيش ڪئي پئي وئي، اهو اڃان پروسس ۾ آهي پروسس مڪمل ٿيڻ بعد ان کي تسليم ڪيو ويندو، ڪرپشن ڪرڻ جو ڪو پروف چيئرمين وٽ آهن ته عوام آڏو پيش ڪري.

Bookmark the permalink.