تازا ترين
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت*لانڍيم سعود آباد، لياري، بدين، ڍورو نارو ۽ ٻين علائقن ۾آمنا سومرو، فيصل ۽ بابر حياتيون وڃائي ويٺا*صوبائي وزير امتياز شيخ طرفان مختلف علائقن ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار*
  • آصف زرداري جي درخواست رد، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم*پارڪ لين ريفرنس ۾ احتساب عدالت سومر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*

ميرپور ماٿيلو ۾ ٻارڙي گندي پاڻيءَ جي کڏ ۾ ڪري پئي: ٻڏي فوت

ميرپور ماٿيلو (ن پ ا) ميرپور ماٿيلو ۾ نينگر گندي پاڻيءَ جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي. مصطفيٰ ڪالوني ۾ ٽن سالن جي معصوم ٻارڙي زرينا بروهي گندي پاڻيءَ جي نالي ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي. سندس والد محمد رمضان بروهي جو چوڻ هو ته ڌيءُ گهٽيءَ ۾ راند کيڏي رهي هئي ته واپس نه موٽي، گهڻي دير تائين ڳولا ڪرڻ کانپوءِ سندس لاش گندي پاڻيءَ جي کڏ مان هٿ آيو. هُن چيو ته هر هنڌ گٽر نالا کُليل آهن ۽ گهٽين ۾ پاڻيءَ جا دُٻا ٺهي ويا آهن، دانهون ڪرڻ باوجود ڪوبه تدارڪ نه ڪيو ويو، نتيجي ۾ سندن ايڏو نقصان ٿيو آهي.

Bookmark the permalink.