
ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي) ميرپور ماٿيلو ۾ اغوا ڄاڻايل ناري سِمرن نوجوان روي ڪمار سان پسند جي شادي ڪري ورتي آهي. سندس وڊيو بيان منظر عام تي اچي ويو. ٻئي پاسي ميرپور ماٿيلو ٿاڻي تي ناري جي مڙس سوڌو 5 جوابدارن خلاف اغوا ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ميرپور ماٿيلو ٿاڻي تي اجيت ڪمار جي فريادي تي سندس ڌيءُ سمرن ڪماري جو اغوا ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ روپي ڪمار، ڪندن لال، مهيش لال ۽ دليپ ڪمار کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. ناري جي وارثن ٿاڻي آڏو احتجاج ڪندي چيو ته جوابدار روي ڪمار والدين سان گڏجي زبردستي سمرن کي اغوا ڪيو آهي، پوليس ناري کي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري.
سمرن ڪماري جو وڊيو بيان
ٻئي پاسي اغوا ڄاڻايل ناري سمرن ڪماري جو وڊيو بيان به منظرعام تي اچي ويو آهي، جنهن ۾سندس چوڻ آهي ته هُن رضا خوشيءَ سان نوجوان روي ڪمار سان پسند جي شادي ڪئي آهي، مائٽ زبردستي ٻئي هنڌ شادي ڪرائڻ پئي گهري، جنهن ڪري هُن روي سان شادي ڪئي آهي. ميرپور ماٿيلو پولس پنوعاقل ۾ چڙهائي ڪري روي ڪمار جي ڀاءُ ڪندن لال کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته کيس ڪنهن به اغوا نه ڪيو آهي.