تازا ترين
  • *ڪراچي: آءِ جي موٽرويز اي ڊي خواجه نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن جو سيڪريٽري مقرر*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: پٽ جي شادي تي ايڏو خرچ؟ ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس * ڪراچي/حيدرآباد: ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ولي الله دل دعوت کائڻ بعد ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جي وارننگ *
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

ميرپور ماٿيلو ويجهو مڙس هٿان قتل ٿيل ناري جي وارثن جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو، ڳالهيون نه ڪرڻ تان ايس ايڇ او آپي مان نڪري ويو

”ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي ماني مان“ ايس ايڇ او جا مقتولا جي پيءُ لاءِ استعمال ڪيل لفظ

ناري جي پيءُ کي ايس ايس پي پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي) ميرپورماٿيلو ويجهو گذريل ڏينهن پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري جي قتل خلاف ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن قومي شاهراهه تي لاش سوڌو ڌرڻو هنيو، جوابدارن جي گرفتاري تائين ڳالهيون نه ڪرڻ تان ايس ايڇ او آپي مان نڪري ويو ۽ نفري گهرائڻ لاءِ فون تي ڳالهائيندي مقتولا ناري جي پيءُ لاءِ گٿن لفظن جو استعمال ڪيو. جوابدار عبيد الله مهر گذريل ڏينهن ساٿين سان گڏجي پنهنجي گهرواري رخسانه شيخ کي مبينا طور ڪارنهن تهمت هڻي قتل ڪيو، اڄ وارثن لاش سوڌو قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ڌرڻي سبب قومي شاهراهه معطل ٿي وئي ۽ ڳالهين جون قطارون لڳي ويون، مقتولا جي وارثن چتاءُ ڏنو ته سمورا جوابدار گرفتار ٿيڻ تائين ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو، جنهن تي ڳالهين لاءِ پهتل ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو سردار چانڊيو مظاهرين پاران ڳالهيون نه ڪرڻ تان آپي مان نڪري ويو، ايس ايس پي آفيس جي آپريٽر سان فون تي ڳالهائيندي مقتولا ناري جي پيءُ لاءِ گٿا لفظ استعمال ڪيا ته “ ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي ماني مان“ هن فون تي ڳالهائيندي چيو ته لٺبازي لاءِ نفري موڪليو. ڪجهه دير بعد ڊي ايس پي گهوٽڪي ۽ رونتي پهتا، انهن سان به ڳالهيون نه ڪرڻ بعد مقتول ناري جي پيءُ مير محمد شيخ کي ايس ايس پي هائوس نيو ويو، جتي ايس ايس پي گهوٽڪي فرخ لنجار ساڻس ملاقات ڪئي ۽ جلد جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو. ان کان اڳ ڌرڻي دوران مقتولا ناري رخسانه جو پيءُ ۽ ٻيا وارث روئيندا رهيا ۽ دانهيو ته نياڻي کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، جوابدار ڌر ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته مک جوابدار عبيد مهر سميت سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن پوليس هڪ جوابدار شفقت کي گرفتار ڪري ورتو آهي. واضح رهي ته جوابدار عبيد مهر سئوٽ ۽ ڀاءُ سان گڏجي مبينا طور زال کي قتل ڪيو، هنن ٻنهي ڪجهه عرصو اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو.

Bookmark the permalink.