تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ميرپور خاص ۾ ٻن ڀينرن شادي کان 4 ڏينهن اڳ مڱيندا ڇڏي ٻن ڀائرن سان پسند جي شادي ڪري ورتي

ڀٽ ڀائٽي واسي ناريون ۽ نوجوان ميرپور خاص عدالت پهتا، سندن وارثن ۾ جهيڙو

ميرپورخاص (رپورٽر) ميرپور خاص جي عدالت ٻن ڀينرن شادي کان 4 ڏينهن اڳ گهران نڪري علائقي ۾ ئي رهندڙ ٻن ڀائرن سان پسند جي شادي ڪري ورتي آهي. ڀٽ ڀائٽي واسي ٻن ڀينرون چاندي ۽ ڪملي علائقي جي ئي ٻن نوجوان ڀائرن حميد ۽ مصري ڀيل سان ميرپور خاص جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪري ورتي آهي. عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي نارين ۽ نوجوانن جي وارثن ۾ جهيڙو ٿي پيو. اُن موقعي تي نوجوانن ۽ نارين جو چوڻ هو ته هو هڪٻئي سان محبت ڪن ٿا، تنهن ڪري رات جي وقت گهران نڪرڻ بعد عدالت ۾ شادي ڪئي آهي.
نارين ۽ نوجوانن چيو ته پسند جي شادي ڪرڻ کانپوءِ مائٽ ويري ي ويا آهن، تنهن ڪري عدالت ۾ تحفظ جي اپيل داخل ڪرائي. 12 ڊسمبر تي اُنهي دروخواست کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي نارين جي وارثن پريس ڪلب پهچي چيو ته ڪملي جي شادي ڇور واسي واشو ۽ چاندي جي شادي هيمراج سان 10 ڊسمبر تي رٿيل هئي، کين حميد ۽ مصري وارا اغوا ڪري ويا ۽ دٻاءُ وجهي شادي ڪئي آهي، اغوا جو ڪيس کاهي ٿاڻي تي داخل به ڪيو ويو. نارين ۽ نوجوانن کي سڀاڻي کپرو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.