تازا ترين
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

ميرپور خاص ۾ قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن ڀائرن کي سزائون: هڪ کي جنم ٽيپ

ميرپورخاص(رپورٽر) ماڊل ڪورٽ ۾ قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ هڪ جوابدار کي عمر قيد، هڪ ڀاءُ کي هڪ سال ۽ ٻي ڀاءُ کي 6 مهينا قيد جي سزا سزا ٻڌائي وئي، 2017 ع ۾ تعلقي ڊگهڙي جي ڳوٺ بجر خان جروار ۾ جهيڙي دوران احسان جروار قتل ٿي ويو هو، جنهن جي قتل جو ڪيس مقتول جي ڀاءُ شاهجهان جروار جي فرياد تي ٽن ڀائرن سڪندر جروار ، آصف علي جروار ۽ حاڪم علي جروار خلاف ٽنڊو جان محمد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج عبدالرحمان قاضي جي عدالت احسان جروار جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار سڪندر جروار کي عمر قيد، هڪ لک ڏنڊ ۽ سندس ٻن ڀائرن آصف علي جروار کي هڪ سال ۽ 5 هزار ڏنڊ ۽ حاڪم علي جروار کي صرف 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته سڪندر جروار جيل ۾ قيد هو ۽ سندس ٻه ڀائر ضمانت تي آزاد هئا.

Bookmark the permalink.