تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ميرپور بٺوري ۾ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

ميرپور بٺورو(ن پ ا) ميرپور ٻٺوري ۾ برسات متاثرن واهر نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو هڻي سجاول حيدآباد روڊ بند ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي برسات متاثرين ربو پرھياڙ، محمد موسي ڪنڊرا، مريم جاداڻي، بچائي ملاح، بختاور جتوئي، نور محمد زئور، حنيف ملاح حسن چانگ، رب ڏنو پهنور، انور پکالي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تعلقي جي مختلف يوسين، يوسي درياهه خان سوهو ،يوسي جھوڪ، يوسي ڪامارو، يوسي شاهه محمد شاهه، يوسي مهر شاهه سميت 12 يونين ڪائونسلن جا سوين برسات متاثرين اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس اڳيان لڱ ساڙيندڙ گرمي ۾ چئن ڏينهن کان دربدر ٿي رهيا آهيون، متاثرن لاءِ تعلقي انتظاميا پاران آفيس اڳيان نه ٽينٽ لڳايو ٿو وڃي نه وري پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست آھي. راشن ۽ خيمن کي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن پر اي سي بٺورو اسان کي رلائي رهيو آهي. اسان جي ڳوٺن مان اڃان تائين برساتي پاڻي به نيڪال نه ڪرايو ويو آھي، جنهن سبب ڳوٺن ۾ مڇرن جي آزار سبب ڪتيرين ئي بيمارين منهن ڪڍيو آھي، هنن چيو ته اي سي بٺورو وڏيرن جي ونگار پيو وهي هنن وڏي وزير مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته رليف ڪاميٽي ايمانداري سان ڪم نه پئي ڪري، ايماندار آفيسر مقرر ڪري برسات متاثرن سان انصاف ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.