تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ميرپور بٺوري جا مختلف پاڙا گندگي جيور چڙهي ويا، بيمارين منهن ڪڍيو

ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپوربٺورو شھر مان صفائي نه ٿيڻ ڪري شھر جي مختلف پاڙن ورو شاھ محلا، دينل شاھ محلا، علي بندر پاڙو، خاصخيلي محلا، ڪاريا محلا،ڏيٿا محلا، مهرشاھ چوڪ ، مين بس اسٽاپ، پبلڪ پارڪ ، ڊاڪٽر گلي سميت شھر جي اڪثر علائقن ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري سڄو شھر گندگي جي ور چڙھي ويو آھي گندگي سبب مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آھي جنهن ڪري ماڻھون مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن جنهن ۾ مليريا ، ڊائيريا ، پيٽ ۽ چمڙي جون مختلف بيماريون شامل آھن ٻئي طرف هتان جي رهواسين ايس ٽي پي جي ضلعي صدر عبدالغني ملاح ، سندر واگهيلا ، معشوق ڪنڀار، آدم ملاح ، قيوم ملاح ۽ ٻين تعلقي ٽائون ڪميٽي ميرپوربٺورو جي انتظاميا کان گهر ڪئي آھي ته ميرپوربٺورو شھر مان صفائي ڪرائي مڇرمار ڦوهارو ڪرائي عوام کي بيمارين کان بچايو وڃي۔ ٻي صورت ۾ انتظاميا خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.