تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

ميرپورماٿيلو ۾ ٽرڪ بجلي جي تارن سان ٽڪرائجي ويو، ڪلينر فوت

ميرپورماٿيلو( ن پ ا ) ميرپورماٿيلو ۾ ٽرڪ 11 هزار وولٽيج وارين تارن سان ٽڪرائڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو. شھر جي سومرا ڪالوني وٽ ٽرڪ 11 ھزار وولٽيج وارين تارن سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي مٿان بيٺل نوجوان ڪلينر عارب گولو کي زوردار ڪرنٽ لڳو ۽ هو فوت ٿي ويو. پوليس بي حسي جو مظاھرو ڪندي نوجوان جو لاش ساڳي ٽرڪ ۾ کڻائي اسپتال پھچايو. ميرپورماٿيلو پوليس موجب واقعو ٽرڪ ڊرائيور جي غفلت سبب حاثو پيش آيو، فوت ٿي پيل نوجوان ٽرڪ ڊرائيور جو پٽ هو ۽ جھٽ پٽ بلوچستان جو رھواسي ٻڌايو پيو وڃي.

Bookmark the permalink.