تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ميرپورماٿيلو لڳ ڳوٺاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاج

ميرپورماٿيلو(ن پ ا) ميرپورماٿيلو جي ڳوٺ ابل ڳڙھي ۾ 3 مھينا اڳ قتل ٿي ويل نبي بخش بوزدار جي قاتلن جو پوليس پتو نه لڳائي سگھي آھي، وارثن طرفان قاتلن جي گرفتاري لاءِ رب بخش بوزدار، علي خان، حاڪم بوزدار ۽ ٻين جي اڳواڻي ميرپورماٿيلو پھچي ڀٽائي چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي مقتول نبي بخش بوزدار جو ڀاءُ رب بخش بوزدار چيو ته ٽي مهينا اڳ منھنجي ڀاءُ کي جوابدارن تشدد ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش کي ڪنڊير شاخ ۾ لوڙهي ڇڏيو هو، ڊاڪٽرن پاران پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ به واضع لکيو آھي ته مقتول کي تشدد ڪري ماريو ويو آھي، ڳاٽو ڀڳل ۽ دماغ ۾ ڌڪ لڳل اٿس پر پوليس ٽن مهينن کان ڀاءُ جا قاتل ڳولڻ ۾ ڪا به مدد نه ٿي ڪري اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناھي ظالمن ناحق منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيو آھي ھنن مطالبو ڪيو آھي ته اسان جي ڀاءُ جو قتل ڪيس داخل ڪري قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.