تازا ترين
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

گهوڙاٻاري: سنڌو درياءَ ۾ ٻڏي فوت ٿيل ٻارڙي سميت 4 عورتون سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي

ٻارڙي کي بچائيندي ٻڏي فوت ٿيل عورتن جي جنازي نماز ۾ سوين رهواسين جي شرڪت

ميرپور ساڪرو (ن پ ا ) گهوڙاٻاري ويجهو سنڌو درياهه ۾ ٻڏي فوت ٿيل 4 عورتون ۽ هڪ ٻارڙو کي سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڳوٺ ولي محمد بجارپوٽو ۾ 4 عورتون ۽ هڪ ٻارڙو سنڌو درياءَ ۾ ٻڏي ويا هيا جن جا لاش ڳوٺاڻن مقامي ٽوٻن جي مدد سان هٿ ڪري ورتا هيا، اجل جو شڪار ٿيلن جي جنازي نماز ۾ ضلعي ڪائونسل سجاول جي چئيرمين حاجي عثمان ملڪاڻي، پ پ تعلقه صدر رمضان پھنور، پ پ اڳواڻ فاروق پليجو،اڳوڻجو ايم پي اي سيد اميرحيدر شاھ شيرازي سميت ھزارين ماڻهوَ شريڪ ٿيا. پنج لاش ھڪ ئي وقت کڻڻ تي ھر اک آلي هئي. فوتين کي سندن اباڻي قبرسات ۾ دفنايو ويو.

Bookmark the permalink.