تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

ميرپورساڪرو ۾ ليپرواسڪوپڪ مشين ذريعي پتي جي ڪامياب سرجري

شيخ زيڊ اسپتال ۾ مائي آمنه جي پتي جي بغير آپريشن مشين ذريعي سرجري ڪئي وئي

اھڙي سرجري تي 2 لک رپيا خرچ آهي پر اسان بغير معاوضي جي علاج ڪيون ٿا: ڊاڪٽر

ميرپور ساڪرو( ن پ ا) ميرپور ساڪرو جي شيخ زيد اسپتال ۾ پھريون ڀيرو ليپرو اسڪو پڪ مشين ذريعي پتي جي ڪامياب سرجري ڪئي وئي، ليپرو اسڪوپڪ مشين ذريعي مائي آمنا زال نبي بخش بڪيرو جي پتي جو  بغير  آپريشن سوراخ ڪري سرجري ڪئي وئي آهي، شيخ زيڊ ميڊيڪل سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر مراد بلوچ ٻڌايو ته اھڙي قسم جي سرجري تي ڏيڍ کان 2 لک روپين تائين خرچ اچي ٿو پر اسان وٽ بغير خرچ جي علاج ڪيو پيو وڃي، ھن وقت شيخ زيد اسپتال ۾ علاج جون بھترين سھولتون موجود آهن، ڊاڪٽر ٻڌايو ته ھاڻي شيخ زيد اسپتال ۾ پيٽ جي سموري بيمارين جو علاج ليپرو اسڪوپڪ جي ذريعي سوراخ ڪري بغير آپريشن  ۽ بغير معاوضي جي ڪيو ويندو جديد علاج جون سھولتون علائقي جي عوام لاءِ بھترين قدم آهي.

Bookmark the permalink.