تازا ترين
  • اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد*
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

ميرپورخاص ۾ ٽنڊو الهيار واسيءَ جو والد پاران ملڪيت مان بيدخل ڪرڻ خلاف احتجاج

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ٽنڊوالهيار جي علائقي احمد ڪالوني جو رهواسي نوجوان خالد ولد محمد يامين مغل پريس ڪلب اڳيان پنهنجي والد ۽ ڀاءِ جي زيادتين خلاف مظاهرو ڪيو، ڀاءُ شڪيل سان گڏجي سانگهڙ ۾ هڪ پلاٽ، ڪراچي ۾ هڪ پلاٽ ۽ گهر ورتو هو، جڏهن ته پئسا ڀاءُ جي اڪائونٽ ۾ هوندا هئا، شادي بعد گهرو مسئلن سبب الڳ ٿيڻ جو سوچيو، ڀاءُ کان گڏ ڪمايل پئسن ۽ پلاٽن مان حصو گهريو ته هنن مون کي منهنجي زال کي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي. ڀاءُ سان گڏجي ٺاهيل ملڪيت ڪروڙين رپين جي آهي، جنهن مان منهنجو حصو واپس ڪرايو وڃي.

Bookmark the permalink.