تازا ترين
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

ميرپورخاص ويجهو 24 ورهين جي ذهني معذور ناري سان مبينا زيادتي، جوابدار گرفتار

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) محمود آباد ٿاڻي جي حد مير شير محمد ٽالپر جي رهواسڻ ذهني معذور ناري وزيران مڱڻهار کي سندس پاڙيسڙي جوابدار سائين بخش عرف اباڙي دوکي سان پنهنجي گهر وٺي مبينا جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو. جنهن بعد پوليس ناري کي ميڊيڪل لاءِ سول اسپتال آندو. ان موقعي تي ناري جي والده نظيران مڱڻهار ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سندس نينگري ذهني معذور آهي جنهن کي پاڙيسڙي سائين بخش دوکي سان پنهنجي گهر وٺي ويو. جتي هن سندس نينگري سان لڄالٽ ڪئي. جنهن جو اطلاع جوابدار جي ڀاڄائي ڏنو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او افتخار باجوه ٻڌايو ته اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي. متاثر ناري جي والدين جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد جوابدار خلاف وڌيڪ ڪارراوئي ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.