تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

ميرپورخاص: اينٽي ڪرپشن پوليس جو ڊسٽرڪٽ ھاءِ وي جي ايگزيڪيٽو انجنيئر جي آفيس تي ڇاپو، ٻن اين آءِ ٽين جو رڪارڊ ضبط

ٺيڪيدار عامر لطيف علي زرداري جي شڪايت تي ڪارروائي ڪئي وئي: سرڪل آفيسر

ڪلارڪ ڪاشف ڀٽي تي ٺيڪيدارن کان لکين رپيا رشوت جو الزام آهي: خدا بخش ٿيٻو

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) اينٽي ڪرپشن پوليس جو ڊسٽرڪٽ ھاءِ وي جي ايگزيڪيٽو انجنيئر جي آفيس تي ڇاپو، ٻن اين آءِ ٽين جو رڪارڊ ضبط. اينٽي ڪرپشن پوليس ميرپورخاص جوڊيشل مئجسٽريٽ ون شاھنواز نظاماڻي جي نگراني ۾ ڊسٽرڪٽ ھاءِ وي جي ايگزيڪيٽو انجنيئر جي آفيس تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران عملدارن کان پڇاڳاڇا بعد سال 2019 ۾ روڊن جي ڪم لاءِ ٿيل ٻن اين آءِ ٽين جو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ٺيڪيدار عامر لطيف علي زرداري جي شڪايت تي اينٽي ڪرپشن پوليس ڪارروائي عمل ۾ آندي، ڄاڻايل آفيس ۾ سال 2018 ۽ 2019 ۾ روڊن جي تعميراتي ڪمن لاءِ آيل ڪروڙي روپين جي ٺيڪن ۾ لکين روپين جي ڪرپشن جا الزام سامهون آيا آهن. رابطو ڪرڻ تي انٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر خدا بخش ٿيٻو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ٺيڪيدار جي شڪايت تي ڪارروائي ڪئي وئي، ٽينڊر ڪلارڪ ڪاشف ڀٽي تي مختلف ٺيڪيدارن کان لکين روپيا رشوت جو الزام آهي، جيڪو آفيس مان غائب هو ۽ ڪجهه ترقياتي ڪمن جا ڪاغذ به پاڻ سان گڏ کڻي فرار ٿي ويو، سندس آفيس مان الماري ٽوڙي ڪجهه ڪاغذ تحويل ۾ ورتا آھن، جن تي وڌيڪ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

Bookmark the permalink.