تازا ترين
  • حڪومت ٻڌائي ته بزرگ شهرين کي ڪهڙيون سهولتون مليون؟سنڌ جي هر ضلعي ۾ اولڊ ايج هومز ٺاهڻ ۽ بزرگ شهرين کي طبي سهولتون ڏيڻ جو حڪم*سنڌ سرڪار اولڊ ايج هومز ٺاهڻ لاءِ گهربل فنڊز جاري ڪري: سنڌ هاءِ ڪورٽ بزرگ شهرين لاءِ طبي سهولتون يقيني بڻائڻ جو به حڪم ڏنو*بزرگ شهرين کي سندن قانون جو به پتو ناهي: عدالت طرفان قانون تي عمل لاءِ جاڳرتا مهم هلائڻ ۽ شڪايتون ٻڌڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم*
  • لاهور اسپتال تي حملي ۾ گرفتاريون: پنجاب ۾ وڪيلن جي هڙتال*پنجاب بار ڪائونسل جي سڏ تي سموري صوبي ۾ وڪيلن جي هڙتال، مظاهرا ۽ ريليون*

ميرپورخاص: اينٽي ڪرپشن جو هاءِ وي آفيس تي ڇاپو، رڪارڊ ضبط، عملو فرار

سول جج شاهنواز نظاماڻي جي نگراني ۾ ايگزيڪيٽو انجنيئر هاءِ وي قاضي عاصم جي آفيس تي ڇاپو هنيو ويو

اينٽي ڪرپشن جي ٽيم هڪ سال جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ڇاپي وقت آفيس ۾ ٿرٿلو، عملو کسڪي ويو

ميرپورخاص (رپورٽ: وارث خاصخيلي) اينٽي ڪرپشن جي ٽيم سول اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ ون جي نگراني ۾ ايگزيڪٽيو انجنيئر هاءِ وي جي آفيس تي ڇاپو هڻي هڪ سال جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ڪارروائي دوران آفيس جو عملو کسڪي ويو. سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن خدا بخش ٿيٻوجي سربراهي ۾ ٽيم سول اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ شاهنواز نظاماڻي جي نگراني ۾ ايگزيڪيٽو انجنيئر هاءِ وي قاضي عاصم جي آفيس تي ڇاپو هڻي هڪ سال جو رڪارڊ پنهجي تحويل وٺي ڇڏيو. ڇاپي وقت آفيس ۾ ٿرٿلو مچي ويو، جڏهن ته ان دوران آفيس ۾ موجود عملو کسڪي ويو. ان موقعي تي سرڪل آفيسر ميڊيا کي ٻڌايو ته شهري عامر لطيف اينٽي ڪرپشن کي درخواست ڏني ته سال 2019ع ۾ ايم اينڊ آر جي ٻن اين آءِ ٽيز نمبر 60 ۽ 61 ۾ عملدارن پاران من پسند ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏيئي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، جنهن تي ڪارروائي ڪري ڄاڻايل اين آءِ ٽيز جو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي. هن چيو ته رڪارڊ جي جانچ بعد ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.