تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

ميرپورخاص: آمريڪن قونصليٽ جنرل جي گڏجاڻي، بريفنگ ورتي

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) آمريڪن قونصليٽ جنرل روبرٽ سلبرسٽن ۽ سندس ٽيم ميرپورخاص پھتي، جتي کين بريفنگ ڏني وئي. گڏ جاڻي ۾ ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ، ڊپٽي ڪمشنر زاهد حسين ميمڻ، ايم پي اي سيد ذوالفقار علي شاهه، اڳوڻي وفاقي وزير پير آفتاب شاهه جيلاني شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي ميمبر قومي اسيمبلي مير منور ٽالپر چيو ته ميرپورخاص ۾ بانڊيڊ ليبر جو ڪو به مسئلو ناھي، جيڪو حل ٿيڻ جوڳو نه ھجي، ھتي مزدورن کان ڪنهن به قسم جي جبري مشقت نه پئي ڪرائي وڃي ۽ بانڊيڊ ليبر جي حوالي سان ضلعي ڪاميٽي اڳ ئي موجود آھي، جيڪا ليبر قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ ھر ممڪن اپاءَ وٺي رھي آھي. ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ ضلعي ميرپورخاص جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پوري سنڌ وانگر ضلعو ميرپورخاص زراعت تي انحصار ڪري ٿو، هتي انبن جي معيشت کي وڌائڻ لاءِ هر سال جون ۾ مينگو فيسٽيول پڻ ڪرايو ويندو آهي.

Bookmark the permalink.