تازا ترين
  • *مورو ڀرسان گهر اندر پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب 13 سالن جي نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري مارجي وئي، وارثن آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * مورو: نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري کي قتل ڪيو ويو آهي: چئوٻول *
  • *گمبٽ ۽ ٽنڊو مستي ويجهو روڊ حادثا: نينگري بيبي خيريت بلوچ ۽ زوهيب پٽ خان محمد سومرو فوت، 4 ڄڻا احسان علي بلوچ، بيبي مناحل، بيبي هادي ۽ ثمينه زخمي*
  • *لنڊن: ڪمپيوٽر ۾ ڪٽ، پيسٽ، فائينڊ ۽ ري پليس ايجاد ڪندڙ سائنسدان لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *گهوسٽ اسڪولن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکي اُتان جي چونڊيل نمائندن کي ڳوليو: فاطمه ڀٽو 12 سالن کان بند پيل سر شاهنواز اسڪول جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي * سجاول جي سرڪاري بوائز اسڪول تي منهنجي ڏاڏي جو نالو آهي، جيڪو 12 سالن کان بند آهي، اها آهي عملي ڪرپشن: فاطمه ڀٽو * جنهن علائقي ۾ اسڪول بند آهي، اُتان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ڳوليو، اڃا ڪيترا نسلن ائين يرغمال بڻيل رهندا: سوشل ميڊيا تي اپيل *
  • *باڊهه ۾ پ پ ايم پي اي جي سرپئنچيءَ ۾ جرڳو: پسند جي پرڻي تان ٻٽي قتل جو هڪ جوابدار تي 20 لک ڏنڊ: متاثرن جو 4 جوابدارن سان ٺاهه کان انڪار * باڊهه: مقتول نوجوان فياض ۽ غازي ٻرڙو جي وارثن طرفان عدالت ۾ ڪيس تان هٿ کڻڻ بعد ڏنڊ جا 15 لک رُپيا ڏنا ويندا: جرڳي ۾ فتويٰ * باڊهه: فتويٰ موجب جوابدار سليم ڏيرو ڏنڊ جي رقم ڀريندو، ناري مريم ڏيرو ۽ فياض ٻرڙو طرفان پسند جي شاديءَ بعد ڌُرين ۾ تڪرار ٿيو هو *
  • *ڪراچي: آءِ جي موٽرويز اي ڊي خواجه نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن جو سيڪريٽري مقرر*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: پٽ جي شادي تي ايڏو خرچ؟ ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس * ڪراچي/حيدرآباد: ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ولي الله دل دعوت کائڻ بعد ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جي وارننگ *
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

ميرپورخاص اسپتال انتظاميا مريض کي ٽنڊو محمد خان ريفر ڪرڻ باوجود ايمبولينس نه ڏني: عورت تڙپي تڙپي فوت: وارثن جو احتجاج

ڊاڪٽرز جي روايتي سستي سبب سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي: وارث

کُدو نالي شخص چيو پهرين پئسا ڏيو: فوتي عورت جو مڙس

ميرپورخاص ( رپورٽ: وارث خاصخيلي) ميرپورخاص سول اسپتال ۾ ايمبولينس نه ملڻ خلاف دير ٿي وڃڻ ڪري عورت تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، اسپتال اندر بيٺل ايمبولينس جا شيشا ٽوڙيا ويا، راڄڙ ڪالوني جي رھواسڻ شريمتي ڪملا ايمبولينس نه ملڻ سبب سول اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، عورت جي فوت ٿيڻ خلاف وارثن پاران ڊاڪٽرز ۽ اسپتال انتظاميا جي لا پرواھي خلاف احتجاج ڪري عورت جو لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، ٽائرن کي باهه ڏني وئي، اسپتال ۾ بيٺل ايمبولينس جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، فوتي عورت جي مڙس نارائڻ ۽ سندس ڀاءُ جيرام پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان جي عورت کي معمولي دل ۾ تڪليف ھئي جنهن سبب دل جي وارڊ ۾ داخل ڪيو ھو جتي ڊاڪٽرن جي لا پرواھي سبب حالت وڌيڪ خراب ٿي ۽ اسان کي ڊاڪٽرز ٽنڊو محمد خان دل جي اسپتال کڻي وڃڻ جو چيو پر انتظاميا ايمبولينس گھرڻ تي نه ڏني ڊرائيور ناھن جو جواز ڄاڻائي ڇڏيو، اسپتال ۾ ھڪ خدو نالي ويٺل شخص ايمبولينس لاءِ پئسا گھريا نه ڏيڻ تي ايمبولينس نه ڏني، اسان جي عورت تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي اسپتال جي ايم ايس طاهر اقبال فوتي عورت جي وارثن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو، وارث لاش ايمبولينس ۾ کڻي ڳوٺ روانا ٿي ويا.

Bookmark the permalink.