تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

“ميري پاس تم هو” لاءِ آڇ ناڪاري ڪردار سبب ٿڏي ڇڏي: سونيا حسين

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا سونيا حسين تازو ڏنل هڪ انٽرويو ۾ سپر هٽ ڊرامي “ميري پاس تم هو” کي ٿڏڻ ۽ شوبز ۾ پيش ايندڙ اڻوڻندڙ واقعن بابت ڳالهايو، اداڪارا سونيا حسين جي ڳڻپ پاڪستان شوبز انڊسٽري جي باصلاحيت اداڪارائن ۾ ٿئي ٿي جيڪي ڊرامن سان گڏ فلمن ۾ به پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪا آهن. اڄ ڪلهه سندس ڊرامو “عشق زهي نصيب” هلي رهيو آهي جيڪو شوقين پسند ڪري رهيا آهن. سونيا حسين تازو ئي اداڪارا ميزبان عفت عمر جي شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي ڪيريئر بابت ڳالهايو. سونيا حسين ٻڌايو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ جڏهن هو پنهنجو نالو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ته ان وقت اداڪار بهروز سبزواريءَ جو رويو ان سان بلڪل سٺو نه هو ۽ سيٽ تي هن کيس ڏاڍو گھٽ وڌ ڳالهايو هو جنهن تي هوءَ روئڻ لڳي هئي، ايستائين جو هن اداڪاري پڻ ڇڏڻ جو ارادو ڪيو هو. سونيا حسين پنهنجي ڪيريئر جو اڻوڻندڙ واقعو ٻڌائيندي چيو ته جڏهن هوءَ تازو انڊسٽري ۾ آئي هئي ته هڪ مشهور برانڊ لاءِ کيس ماڊل ڪاسٽ ڪيو ويو. پر پوءِ رات جو هڪ وڳي ان ايجنسيءَ جي مالڪ کيس ميسيج ڪيو ته شوٽ بابت ڪجھه ڳالهائڻو آهي ان ڪري مون سان ملڻ اچ، ڊرائيو تي ٿا هلون، ان تي مون کيس چيو ته ڊرائيو تي ڪيئن ٿي ميٽنگ ٿئي، جنهن جي جواب ۾ ان شخص ميسيج ۾ چيو ته ته توهان بهانو نه بڻايو توهان جو تعلق انڊسٽري سان آهي جنهن تي مون کيس ڪو جواب نه ڏنو. ٻئي ڏينهن ڪمرشل جي شوٽ هئي پر پوءِ خبر پئي ته راتوواهه مون کي ان پراجيڪٽ مان آئوٽ ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي اداڪارا ڊراما سيريل ميري پاس تم هو بابت ٻڌايو ته عائزا خان کان اڳ کيس آڇ ڪئي وئي هئي پر ڪردار جي حوالي سان ڪجهه خدشا هئا تنهن ڪري انڪار ڪري ڇڏيو هو. سونيا عائزا خان جي ڪردار جي حوالي سان ٻڌايو ته هن ڪردار ذريعي عورتن کي ناڪاري انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. اسان جي معاشري ۾ عورتن جي غلط تصوير پيش ڪئي وڃي ٿي. اهو ئي سبب هو مهوش جي ڪردار لاءِ انڪار ڪري ڇڏيو.

Bookmark the permalink.