تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ميرواهه گورچاڻي ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف مظاهرو

ميرواهه گورچاڻي (رپورٽر) مير واهه گورچاڻي لڳ ڳوٺ ٻورجي ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن منظور لغاري، شاهد لغاري ، زاهد لغاري ، قائم لغاري ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال ڪيو جا زوردار نعرا هنيا. هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڳوٺ جي تقريبن 2 هزار جي لڳ ڀڳ آبادي آهي برسات سبب ڪيترائي گهر ڪري چڪا آهن ڳوٺ جا سڀ فصل ٻڏي ويا، هتي سڀ ٻن چئن ايڪڙن جا زميندار آهن اسان کي سرڪار پاران ڪوبه راشن، ٽينٽ، مڇرداني وغيرا ڪونه مليون آهن. ٻيو اسان جي ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي واٽر سپلاءِ جو تلاءُ ٺهيل آهي اهو به برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي پاڻي جي ڦڙي ڦڙِي لاءِ ترسون پيا، پرائمري اسڪول پڻ برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسان جي ڳوٺ جي واهر ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.