تازا ترين
  • *دادو جي عدالت پاران عورت سان زيادتي ڪيس ۾ جوابدار کي 10سال قيد جي سزا *عدالت ساحره پنهور سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار علي رضا پنهور کي سزا ٻڌائي*
  • *دادوويجهو جوابدارن ڪهاڙيون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڳهڻو جتوئي ۾ جوابدارن ڪهاڙيون هڻي 35ورهين جي شمشاد جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو * مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال دادو منتقل *حاڪم، مينهون، صدام گل، ڄام جتوئي نوجوان کي قتل ڪيو: مقتول جا وارث*
  • *اُم رباب جي 3 ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ رپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جو سرچ آپريشن *پوليس اٽالن جو قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي بنگلي کي ڪڙو، جهڙتي جاري *پ پ ايم پي اي جي بنگلي تي 2 جوابدارن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي آهي: پوليس ذريعا *
  • *کهڙا ويجهو نينگر جو ڪمند مان لاش هٿ اچڻ وارو مامرو: ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران راشد اڄڻ جو قتل ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم*
  • *سکر ۾ هوٽل ۽ تندور مالڪن پاران ٻئي ڏينهن به شٽربند هڙتال جاري *سکر: ھوٽل ۽ تندور مالڪن ضلعي انتظاميا طرفان 12 روپيا نان وڪرو ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو *سکر: هن مهانگائي جي دور ۾ 12روپيا في نان وڪرو نٿا ڪري سگهون: هوٽل مالڪ*
  • *ڪراچي:ابوالحسن اصفهاني روڊ تي گاڏي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر،هڪ ڄڻو فوت *فوت ٿي ويل پاڪ نيوي جو پيٽي آفيسر هو:ريسڪيو *فوت ٿي ويل محمد نواز جي قبضي مان سروس ڪارڊ مليو آهي:ريسڪيو*
  • *لاهور: ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *پراسڪيوشن پاران ڪيپٽن (ر ) صفدر خلاف چالان جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش *ڪيپٽن ( ر) صفدر چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪرڻ واري ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد آهي *
  • *اُم رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس: پوليس جو ميهڙ ۽ قمبر جي جابلو پٽي ۾ آپريشن جاري *قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي بنگلي کي پوليس جو ڪڙو، سرچ آپريشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جيسالياني چونڊ اڄ ٿي رهي آهي *صدر جي عهدي لاءِ عاصمه جهانگير گروپ جي عبدالطيف آفريدي ۽ حامد خان گروپ جي اميدوار وچ ۾ مقابلو ٿيندو *سيڪريٽري جي عهدي لاءِ احمد شهزاد رانا ۽ عامر سهيل اميدوار آهن *سموري ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ بار جا 3174 ۽ جاڙن شهرن ۾ 518 ميمبر آهن*

ميرواهه گورچاڻي ۾ ٻه روڊ حادثا، عورت فوت، 2 ڄڻا زخمي

ميرواھ گورچاڻي (رپورٽر) ميرواهه گورچاڻي لڳ بلوچ فارم اسٽاپ تي رات دير سان ڪوسٽر ۽ موٽر سائيڪل جو آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ غلام محمد آرائين جو رهواسي ٺيڪيدار اڪرم آرائين ۽ سندس زال نسرين سخت زخمي ٿي پيا، اطلاع تي وارثن ميرپورخاص سول اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ڏيڻ کان پوءِ زخمي عورت نسرين جي طبعيت ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ ڪري حيدرآباد ريفر ڪيو ويو رستي ۾ عورت دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ميرواهه گورچاڻي پوليس ايڪسيڊنٽ ڪندڙ ڪوچ نمبر MIA5111 کي پنهنجي تحويل ۾وٺي ڇڏيو. ڪوسٽر ڊرائيور حادثي کان پوءِ فرار ٿي ويو. ٻئي طرف ميرواهه گورچاڻي پوليس اسٽيشن جي اڳيان نامعلوم ڊاٽسن واري موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار محبوب علي خاصخيلي زخمي ٿي پيو. پوليس زخمي کي رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي پهچايو، زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري ميرپورخاص سول اسپتال ريفر ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.