تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

ميرواهه گورچاڻي: ٻوڏ متاثرن پاران واهر نه ٿيڻ خلاف صحافين اڳيان دانهون

ميرواهه گورچاڻي (رپورٽر) برساتي ٻوڏ جو پاڻي ميرواهه گورچاڻي شهر توڙي ڀرپاسي واري علائقن ۾ مهينو گذري وڃڻ باوجود اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو ٻوڏ متاثر ماڻهن کي سرڪاري پاران ڪابه مالي سھڪار نه ٿيئڻ ڪري ماڻهو پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا. ٻوڏ متاثر جعون رٻاري ڳوٺ جي رهواسين نرسنگ ڪولهي، پارو ڪولهي ، امرشي ڪولهي ، ڪونڀو ڪولهي ۽ ٻين ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اسان مسلسل برسات سبب پنهنجا گهر ڇڏي روڊ تي پنهنجا ٻچا وٺي کلئي آسمان هيٺ پناهه ورتي اسان کي ڪنهن به سار نه لڌي تر جي چونڊيل نمائندن پاران پنهنجي ڪجهه نياز نظر ماڻهن کي راشن سان نوازيو ويو ڪجهه ماڻهن کي وري فرمائش تي ٽينٽ ۽ مڇر دانيون ڏنيون ويون پر اسان غريب مسڪين ماڻهو بي يارو مددگار ويٺل آهيون. اسان اعليٰ انتظاميا توڙي وس وارن ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص، زاهد حسين ميمڻ، وزير اعليٰ سنڌ، وزير اعظم پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته برسات سبب وڏو نقصان ٿيو آهي اسان کي فوري طور تي راشن ڏنو وڃي ته جيئن اسانکي هن ڏکئي وقت ۾ ڪجهه سهارو ملي سگهي ٻئي طرف ڳوٺ ٻورجي، کنهبڙي ڳوٺ ، ڀڳت ڳوٺ ، ليمون ڳوٺ ، مير خان چانگ ڳوٺ، حاجي صغير جو ڳوٺ، ميوو لغاري ، مير الھ بچايو ڳوٺ ميرواه گورچاڻي شهر جي رام ڪالوني ، غريب آباد ڪالوني، بابو ٿيٻو ڪالوني سميت انيڪ جائن تي برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيئڻ ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي جنهن جي ڪري ماڻهو مڇرن ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري سخت پريشان ۾ مبتلا آهن.

Bookmark the permalink.