تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

موٽر وي زيادتي ڪيس: قصور ۾ پوليس جو سرچ آپريشن، مرڪزي جوابدار عابد علي هٿ نه اچي سگهيو، گهرواري گرفتار

هن وقت تائين عورت سوڌو عابد علي جا 5 مائٽ گرفتار ٿيل آهن: پوليس

لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور ۾ موٽر وي زيادتي ڪيس جو مرڪزي جوابدار عابد علي گرفتار نه ٿي سگهيو، والده کانپوءِ ان جي گهرواري کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، موٽر وي زيادتي ڪيس جي مرڪزي جوابدار عابد جي گرفتاري لاءِ رات جو دير سان قصور ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو ۽ 2 ڪلو ميٽر تي پکڙيل فصل جو گهيرو ڪري تلاشي ورتي پر مرڪزي جوابدار هٿ نه اچي سگهيو، ڪيس ۾ هن وقت تائين عورت سوڌو جوابدار عابد جا 5 مائٽ گرفتار ٿيل آهي، عابد جي گهرواري بشريٰ بي بي کي مانگا منڊي وٽان گرفتار ڪيو ويو، اها قلعه ستار شاهه ۾ جوابدار عابد جي ڳولا دوران فرار ٿي وئي هئي، پوليس موجب بشريٰ بي بي عابد سان ٻي شادي ڪئي هئي، پهريون مڙس عبد مان ان جي هڪ ڌيءَ آهي، بشريٰ جو تعلق تعلقي تاندليانوالا ضلعي فيصل آباد سان آهي، 9 سيپٽمبر جي رات تقريبن ڏيڍ وڳي گجرپوره جي ويجهو موٽر وي تي عورت کي ٻارن جي اڳيان زيادتي جو نشانو بڻايو ويو هو.

Bookmark the permalink.