تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

موٽروي ڪريڊٽ کڻڻ تي شهباز شريف ٻڏي مري، استعيفا ڏئي: پنجاب حڪومت

لاهور(بيورورپورٽ) پنجاب حڪومت جي ترجمان فياض الحسن چوهان قومي اسيمبلي ۾مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته زيادتي ڪيس تي شهباز شريف کي هاڪاري پيغام ڏيڻ گهرجي ها، پر هن ابتو ڪوڙ ۽ بي عقلي سان قوم کي مايوس ڪيو، هن بيان ۾ چيو ته سيالڪوٽ موٽروي جو ڪوڙو ڪريڊٽ کڻڻ تي شهباز شريف کي شرم کان ٻڏي مرڻ گهرجي، اهو موٽروي پرويز الاهي جي دور ۾ شروع ڪيو ويو. فرانزڪ ليبارٽري جي پيڙهه جو پٿر به 2007ع ۾ رکيو ويو هو. شهباز شريف استعيفا ڏئي ۽ قوم کان معافي وٺي.

Bookmark the permalink.