تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

موٽروي واقعي کي ڄاڻي واڻي مس هينڊل ڪيو ويو، سي سي پي او لاهور کي هٽايو وڃي: فرحت الله بابر

جوابدار جي ويجهو پهچڻ جو چوڻ بعد ٻڌايو ويو ته هو پوليس کي ڏسندي ئي ڀڄي ويو

ڇا جوابدار هيليڪاپٽر تي ڀڄي ويو، ملڪ ۾لا اينڊ آرڊر نالي ڪا شيءَ ناهي:سينيٽر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ سينيٽر فرحت الله بابر چيو آهي ته موٽروي واقعي کي ڄاڻي واڻي مس هينڊل ڪيو ويو، سي سي پي او لاهور کي هٽايو وڃي، واقعي تي جيترو افسوس ڪجي گهٽ آهي، جوابدار جي ويجهو پهچڻ جو چوڻ بعد ٻڌايو ويو ته هو پوليس کي ڏسندي ئي ڀڄي ويو، ڇا جوابدار هيليڪاپٽر تي ۽ پوليس اهلڪار پنڌ هئا، ملڪ ۾لا اينڊ آرڊر نالي ڪا شيءَ ناهي، هن چيو ته شوڪاز نوٽيس بعد سي سي پي او لاهور کي پاڻ ئي هليو وڃڻ گهرجي ها.

Bookmark the permalink.