تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

موٽروي واقعو: ڊبل آواز اٿارڻ جو وقت اچي ويو آهي: سونيا حسين

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) مشهور ۽ باصلاحيت اداڪارا سونيا حسين جو چوڻ آهي ته هاڻي جنسي زيادتي خلاف آواز اٿارڻ جو وقت اچي ويو آهي. انسٽاگرام پوسٽ ۾ هن هڪ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته بس گهڻو ٿي ويو، هاڻي وڌيڪ ناانصافي برداشت نه ڪبي، هاڻي پاڪستان ۾ ڪنهن کي جنسي زيادتي جو شڪار نه بڻجڻ ڏنو ويندو. هن لکيو ته اسان کي پنهنجي ملڪ کي هر شخص لاءِ هڪ بهتر ۽ محفوظ جاءِ بنائڻو آهي، ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجو دٻيل آواز اٿاريون ۽ انصاف لاءِ گڏ ٿيون.

Bookmark the permalink.