تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

موٽروي لڄالٽ ڪيس جو مک جوابدار گرفتار نه ٿيو، مٿس وڌيڪ 3 ڪيس داخل

لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور ۾ موٽر وي تي عورت سان لڄالٽ واري ڪيس جي مُک جوابدار عابد علي کي زمين ڳهي وئي يا آسمان کائي ويو، پوليس اڃا تائين جوابدار عابد علي کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، بهاول نگر جي ٽن ٿاڻن تي جوابدار عابد علي خلاف وڌيڪ 3 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ڪيسن ۾ جوابدار عابد علي تي عورت کان ڦر ۽ سندس ڌيءُ کي لڄالٽ بڻائڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. ڦر وارن ڪيسن ۾ موٽروي تي لڄالٽ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار شفقت جي ڀاءُ بابر کي به جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، پنجاب جي صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته خبر اٿئون ته جوابدار عابد علي ڪٿي آهي؟ هڪ ٻن ڏينهن ۾ کيس گرفتار ڪيو ويندو، متاثر عورت ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي، تنهن ڪري کيس جاچ ۾ شامل نه ڪيو. ٻئي طرف موٽروي واقعي کانپوءِ آءِ جي پنجاب موٽروي تي انٽيليجنس طرز جو سرچ آپريشن ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جيئن موٽر وي جي چوڌاري سرگرم سمورن گينگز کي ختم ڪري سگهجي. هن موٽر وي ۽ هاءِ وي تان ايندڙ فون ڪالز تي فوري طور تي جواب ڏيڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته آئنده ان حوالي سان ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن 2011ع کان هيلتائين گرفتار سمورين وارداتن جي جوابدارن جا تفصيل پڻ طلب ڪيا آهن. ان لاءِ سمورن آفيسرن کي پروفارما پڻ اماڻيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.