تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

مويا ڀرسان برساتي پاڻي نيڪال تان جھيڙو، 7 ڄڻا زخمي

ٽنڊوغلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊي غلامحيدر ڀرسان مويا ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالله سيٺو ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال تان سيٺا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب غلام حسين سٺيو، عاشق حسين، علي اڪبر، جاويد علي، محبوب، سومار، مولابخش سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال ٽنڊوغلام حيدر آندو ويو، جتي طبي امداد ڏيڻ بعد کين حيدرآباد اسپتال ريفر ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو هو.

Bookmark the permalink.