تازا ترين
  • ميرپور خاص واقعي جي جاچ شروع: ڊي جي هيلٿ جي سفارش باوجود ايم ايس معطل نه ٿيو: پي ٽي آءِ ايم پي ايز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتل*ڊي سي طرفان جُڙيل ڪميٽي اسپتال انتظاميا جا بيان رڪارڊ ڪيا، ڊي جي هيلٿ جاچ دوران ايم ايس کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اُن تي عمل نه ٿيو*اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ڏيڻ کانپوءِ ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا*
  • ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙ هيڊ ماسترز تي پوليس ڪڙڪي پئي*مرد ۽ عورت هيڊ ماسترز سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي لٺبازي، چڪريون*
  • ميرپور خاص واقعي ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير*بلاول ڀٽو جي سخت موقف کانپوءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ معافيون گهري رهيا آهن: مراد علي شاهه *
  • شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو*شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو، چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت*طارق شهدادڪوٽ سامان وٺڻ ويو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي کيس گرفتار ڪيو (وارث) مٿس 15 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن: پوليس *
  • غوثپور جا2نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويا*نوجوان لياقت ۽ محمد عثمان دستي شاديءَ جي ڏٽي ۾ ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو*
  • *ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ فروغ نسيم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون*
  • *لمس ۽ چانڊڪا ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 3 سڳا ڀائر زخمي*

موهن جي دڙي جا آثار سم ۽ ڪلر سبب ڀرڻ لڳا: بچاءَ لاءِ فنڊ موجود، ڪم نه ٿيا

ڊي ڪي، منير، ايچ آر، وي ايچ اينڊ ايس ايرياز، اسٽوپا سميت کوٽيل ۽ اڻ کوٽيل آثار ڀرڻ لڳا

اسيمبلي هال ۽ فرسٽ اسٽريٽ جي ديوار به ڪمزور، برساتي پاڻي آثار ميسارڻ لڳو

باڊهه (رپورٽ: وحيد ڳاهو) سنڌ جي 5 هزار سال پراڻي ثقافتي تهذيب موهن جو دڙو جي وارثي نه ٿي، موسمي تبديلين ۽ سنڌو درياءَ جي زير زمين پاڻي جي اثر ۽ سم ۽ ڪلر ۾ واڌ سبب تاريخي آثار تباهه ٿي رهيا آهن، سم ۽ ڪلر روڪڻ لاءِ جوڙيل سم نالو غير فعال، وڻ پوکڻ وارو منصوبو به هلي نه سگهيو. ان سلسلي ۾ موهن جو دڙو تي سم ۽ ڪلر سبب ڊي ڪي ايريا، منير ايريا، ايچ آر ايريا، وي ايچ اينڊ ايس ايريا، اسٽوپا، گريٽ باٿ سميت کوٽائي توڙي اڻ کوٽائي ٿيل آثار ڀري رهيا آهن، جڏهن ته ڀتيون پڻ ڪمزور ٿي ڊهي رهيون آهن. آرڪيالاجي کاتي طرفان آثارن کي بچائڻ لاءِ ترقياتي ڪمن، بيوٽيفڪيشن ۽ قديمي آثارن کي مختلف خطرن کان بچائڻ لاءِ ڪيل ڪوششون فقط تجربا ئي ثابت ٿيا آهن. وڌندڙ ڪلر سبب ڊي ڪي ايريا جي اسيمبلي هال ۽ فرسٽ اسٽريٽ جي تاريخي ديوار پڻ ڪمزور ٿيڻ ڪري تباهه ٿي رهي آهي. ڊرينيج سسٽم نه هئڻ ڪري برساتي پاڻي پڻ آثارن کي تمام گهڻو نقصان پهچائڻ لڳو، واضح رهي ته1991 ۾ برساتن دوران 90 تاريخي ديوارون ڊهي پٽ پئجي ويون هيون. ٻئي طرف مختلف ايرياز ۾ 30 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين قديم ڀتين کي بچائڻ جو ڪم نه ٿيڻ ڪري هڪ اندازي موجب 500 کان وڌيڪ اهڙيون ڀتيون آهن جيڪي مرمت نه ٿيڻ ۽ زهريلي لوڻياٺ سبب ڳري ڀري زمين تان وجود ئي وڃائي چڪيون آهن ئي طرف موهن جو دڙو تي سم ۽ ڪلر جي خاتمي ۽ گرائونڊ واٽر پريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جوڙيل سم نالو پڻ فنڊز نه هئڻ ڪري ڪيترن ئي سالن کان بند پيل آهي، جڏهن ته ماهرن پاران سم ۽ ڪلر جي خاتمي لاءِ وڻ پوکڻ وارو منصوبو پڻ ڪامياب ٿي نه سگهيو. موهن جو دڙو جي آثارن کي اصل شڪل ۾ برقرار رکڻ جي آڙ ۾ ڪيتريون ئي ڀتيون ڊاهي پٽ ڪيون ويون آهن. موهن جو دڙو تي پاڻي نيڪاسي جو درست نظام نه هئڻ ڪري برسات دوران 10کان 50 ملي ميٽر پاڻي آثارن ۾ بيهي ٿو، هن جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري دور ۾ اهو جمع ٿيل پاڻي نيڪال ڪرڻ جو ڪوبه بهتر نظام ڪونهي، اهو پاڻي مزدورن جي مدد سان بالٽين ذريعي ڪڍرايو وڃي ٿو، اهو پاڻي ڪنهن ويجهڙائي واري جاءِ تي هارڻ سبب هيٺائين وارا علائقا ڊي ڪي ايريا جي اي، بي، سي، ڊي ايريا، وي ايچ ايس ايريا سخت متاثر ٿي رهيا آهن ۽ برساتي پاڻي آثارن ۾ بيهي ٿو. سنڌو درياءَ ۽ دادو ڪئنال جي وچ ۾ هئڻ ڪري زير زمين پاڻي جي پريشر سبب آثارن ۾ سم ۽ ڪلر ۾ واڌ ۽ پسگردائي ۾ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي منع باوجود ساريالو فصل ڪرڻ سبب پڻ آثارن کي سخت نقصان رسي رهيو آهي. ان حوالي سان علائقي جي سياسي، سماجي ڌرين ، وس وارن حڪومتي ادارن، تاريخي ماڳن جي بچاءَ لاءِ ڪم ڪندڙ سمورين تنظيمن ۽ عوام کي التجا ڪئي آهي ته، هر ماڻهو پنهنجو ڪردار ادا ڪري، سنڌ جي هن عظيم تاريخي ماڳ کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

Bookmark the permalink.