تازا ترين
  • *قاضي احمد ۾ پوليس طرفان لاڪ ڊائون جي مبينا ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ هڪ عطائي ڊاڪٽر گرفتار*
  • *سکر جَي جهنگلي جيوت کاتي طرفان گهوٽڪي فيڊر ۽ رائيس ڪئنال ۾ لهي ويل 2 انڌيون ٻلهڻيون پڪڙي واپس سنڌو درياهه ۾ ڇڏيون ويون*
  • جيڪب آباد: ڳوٺ غلام صابر کوسو ۾ گهر جي ڀت ڪري پئي، هڪ ٻارڙو فوت، ٻيو زخمي
  • *ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ ميرس ڀرسان باهه لڳڻ سبب ٽن پورهيتن جا گهر سڙي ويا * ديهھ 282 ۾ باهه سبب محمد صالح شيخ، نديم ۽ مير محمد شيخ جي گهرن ۾ پيل اناج به سڙي رک *
  • *ڳڙهي خيرو: ڳوٺ پٺاڻ لهر ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل *جوابدار جاويد لهر پنهنجي سئوٽ ليلان ۽ نوجوان فقير محمد لهر کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو*
  • *ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪري مسافرن کي کڻي ويندڙ 51 گاڏيون پوليس قبضي ۾ وٺي ڇڏيون، ڊرائيورن تي ڪيس داخل *29 ڊرائيورن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا،گاڏين ۾ سوار مسافرن کي ڇڏيو ويو*
  • **پڊعيدن: نصرت ڪئنال مان تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش ھٿ **
  • *سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت، ٻارن ۽ عورتن سوڌو 12 زخمي*
  • *ٻانڌيءَ ويجهو سبزي کڻڻ لاءِ ويندڙ ٽرڪ اونڌي، 5 مزدور زخمي*
  • *ميهڙ ڀرسان عورت آپگهات جي ڪوشش دوران معصوم پٽ ماري ڇڏيو*
  • *رليف ڪميٽي طرفان گهرن تائين راشن پهچائڻ لاءِ مقامي نمائندن، عالمن ۽ استادن کان مدد وٺڻ جو فيصلو: عوام کي گهرن ۾ رهڻ جي اپيل * اُميد آهي ته وفاق سياست بدران رليف جي معاملي ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪندو، عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: امتياز شيخ *
  • *عالمي بئنڪ پاران ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان پاڪستان لاءِ 238 ملين ڊالرز جي امداد منظور * ورلڊ بئنڪ جي بورڊ آف ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽرز پاران پاڪستان لاءِ امداد جي منظوري ڏني وئي * ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان 200 ملين ڊالرز ۽ طبي اوزارن ۽ سامان لاءِ اضافي 38 ملين ڊالرز منظور*
  • *ميرپورماٿيلو تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽر جي مبينا غفلت: ڪورونا وائرس جي 2 مريضن کي ڊي ايڇ او اسپتال ڇڏيو ويو*
  • ** قمبر ۽ دادو ضلعن ۾ تيز برسات سبب هيٺاهينءَ وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ، فصلن کي نقصان، بجلي بند * جوهي:کيرٿر تي برسات کان پوءِ نئين گاج 5 فوٽ وھي آئي، ڪاڇي جا مختلف واهه به ڀرجي ويا**
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 53 هزار 238 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا*

موهن جو دڙو: ڪچي ۽ پڪي ۾ ڪڻڪ جا لابارا شروع، خريداري سينٽر نه کليا، آبادگار پريشان

وڪڙو، بگي ڳوٺ، مانڊيون، ڪاراڻي، ٻٽڙا، وڏي وهڻي، گاجي ديرو، مهراڻي شاخ ۽ ٻين هنڌن تي لابارا

خريداري جا مرڪز کلي نه سگهيا، آبادگار سستي اگهه تي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ تي مجبور

موهن جو دڙو (ن پ ا) موهن جو دڙو جي ڪچي توڙي پڪي وارن علائقن ۾ ڪڻڪ جي فصل ۾ لابارو شروع ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ ٻلهڙيجي، چڪرو، وڪڙو، بگي ڳوٺ، مانڊيون، ڪاراڻي، ٻٽڙا، وڏي وهڻي، گاجيديرو، مهراڻي شاخ، فتحپور، ويهڙ ۽ ٻين هنڌن تي لابارا شروع هجڻ باوجود اڃا تائين سرڪاري خريداري جا مرڪز کلي نه سگهيا آهن، جنهن ڪري هاري ۽ آبادگار سستي اگهه تي واپارين کي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن. آبادگار عبدالوحيد سوهو، فدا حسين ابڙو، بابر سوهو، گلاب ڪلهوڙو، شاهد حسين، ممتاز ابڙو ۽ ٻين چيو ته ڪڻڪ جو فصل لهي چڪو آهي پر ڪڻڪ جي خريداري جو هڪ به مرڪز نه کوليو ويو آهي، جنهن ڪري هو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن ٻڌايو ته واپاري ڪڻڪ 1050 رپيا في مڻ خريد ڪن ٿا، جڏھن ته سرڪاري اگهه 1400 روپيا في مڻ مقرر ٿيل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير سرڪاري خريداري جا مرڪز کولي مسئلو حل ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.