تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

موهن جو دڙو ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، واپاري زخمي

موهن جو دڙو: (ن پ ا) موهن جو دڙو ڀرسان سيري ڳوٺ ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، واپاري صدر الدين شديد زخمي ٿي پيو جنھن کي وارث تعلقي اسپتال ڏوڪري کڻائي ويا جتي نوجوان کي طبي امداد ڏيڻ بعد لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ نوجوان صدر الدين جي پيءُ برڪت جوڻيجو صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو پٽ ان جو واپار ڪندو آهي اسان جي ڳوٺ جي جوڻيجا برادري جي ماڻهن منهنجي پٽ جي رستا روڪ ڪري موٽر سائيڪل تان لاهي ڏنڊن ۽ هٿيارن جي ڪنداقن سان معمولي ڳالھه تان بيگناهه تشدد جو نشانو بڻايو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته مان جوابدار ڌر خلاف حد جي ويهڙ ٿاڻي تي ياسين جوڻيجو، سڪندر جوڻيجو، ديدار علي، امير بخش ۽ حاڪم سميت پنج ڄڻن تي اين سي داخل ڪرائي آهي.

Bookmark the permalink.