تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

موهن جو دڙو ڀرسان عورت مڙس ۽ سس سان ڪاوڙجي زهر پي ڇڏيو

موهن جو دڙو: (ن پ ا) موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ انبپور ۾ 40 سالا عورت گهرو اڻبڻت تان بيٽري مان تيزاب ڪڍي پئي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي. جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال ڏوڪري پهچايو ويو جتي عورت کي طبي امداد ڏيڻ بعد بيھوشي واري حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي عورت جي وارثن ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو ته مسمات زاهدان زال فدا حسين مسڻ پنهنجي مڙس ۽ سس سان گهرو اڻبڻت تان جهڙو ڪرڻ بعد جذبات ۾ اچي اهڙو قدم کنيو جنهن کي اسان ايمرجنسي ۾ ڏوڪري اسپتال پھچايو آهي.

Bookmark the permalink.