تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

مون کي سزا ڏئي ملڪ کي ٻوڙيو ويو، هاڻ وڌيڪ تماشو بڻجڻ نه ڏينداسين: نواز شريف

لنڊن(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته مون کي سزا ڏيندي ڏيندي ملڪ کي ٻوڙيو ويو آهي هاڻ وڌيڪ ائين ٿيڻ نه ڏنو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نواز شريف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس شوڪت عزيز صديقي ج وڊيو ڪلپ شيئر ڪيو جنهن ۾ هن چيو هو ته پنهنجي والده کي شاهد ڪري چوان ٿو ته اڄوڪي دور ۾ آءِ ايس آءِ پوري طرح عدالتي ڪارروائي کي خراب ڪرڻ ۾ ملوث آهي، آءِ ايس آءِ جا ماڻهو پنهنجي مرضي جون بينچون جوڙائيندا آهن، ڪيسن جي مارڪنگ ٿئي ٿي، آءِ ايس آءِ وارن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي چيو ته اسان چونڊن تائين نوازشريف ۽ سندس ڌيءُ کي ٻاهر اچڻ نه ڏينداسين، شوڪت عزيز صديقي کي بينچ ۾ شامل نه ڪريو. ٻي ڪلپ ۾ جج محمد بشير کي ڏيکاريو ويو آهي. جج ارشد ملڪ جي اعترافي وڊيو جو ڪلپ به آهي، گهرو وزير اعجاز شاهه جي وڊيو جو ڪلپ به شامل آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته جيڪڏهن ٽي چار ماڻهو نه هجن ها ته نواز شريف چوٿون ڀيرو به وزيراعظم بڻجي وڃي ها، انهن ٽن چئن ماڻهن جا نالا پڇي مون کي ڇو ٿا مارائڻ چاهيو. آخري ڪلپ جي يو آءِ اڳواڻ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري جو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته آزادي مارچ وقت جنرل قمر جاويد باجوه پاڻ اسان کي فون ڪري گهرايو، اتي پهتاسين ته هن اسان کي چيو ته مولانا صاحب آزادي مارچ نه ڪريو، اسان نواز شريف خلاف جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهيون ان ۾ توهان مداخلت نه ڪريو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نواز شريف چيو ته هي آهي حقيقت ان احتساب جي جنهن وسيلي توهان جي 3 ڀيرا چونڊيل وزيراعظم کي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، سزائون ڏياريون ويون ۽ اشتهاري قرار ڏنو ويو. هن چيو ته مون کي سزا ڏيندي ڏيندي ملڪ کي ٻوڙيو ويو، هاڻ اسان هن ملڪ کي وڌيڪ تماشو بڻجڻ نه ڏينداسين.
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ن ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف سان فون تي رابطو ڪيو آهي، ذريعن مطابق فون تي رابطي دوران مولانا فضل الرحمان ۽ ميان نواز شريف وچ ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ مخالف ڌر جي حڪومت خلاف تحريڪ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اي پي سي کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال ۽ اپوزيشن جي تحريڪ جي ايڪشن پلان تي به مشاورت ٿي، مولانا فضل الرحمان ۽ ميان نواز شريف وچ ۾ مخالف ڌر پاران اي پي سي ۾ قائم ڪيل اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، جڏهن ته قومي توڙي صوبائي اسيمبلين مان استعيفائن لاءِ ڪاميٽي جي قيام تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اهڙي رابطي کان پوءِ مولانا فضل الرحمان جي صدارت ۾ جي يو آءِ (ف) جو مشاورتي اجلاس ٿيو،جنهن دوران مولانا فضل الرحمان پارٽي کي بلاول ڀٽو زرداري سان ٿيل ملاقات توڙي ميان نواز شريف سان ٿيل فون تي رابطي بابت اعتماد ۾ ورتو، جڏهن ته اجلاس ۾ شيخ رشيد جي اپوزيشن خلاف بيانن جو به جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ جي يو آءِ خلاف نيب جي ڪارروائين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، اجلاس ۾ جي يو پي جو مولانا اويس نوراني به خاص طور تي شريڪ ٿيو.

Bookmark the permalink.